وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ نافذ جزوي لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ 2 هفتن جي توسيع جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ نافذ جزوي لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ 2 هفتن جي توسيع جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ ٻن هفتن تائين به لاڪ ڊائون برقرار رهندو.وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون سبب ننڍا دڪاندار هڪدم بيروزگار ٿي ويا آهن، ڪورونا جيترو پکڙجڻ گهرجي ها ان ج30 سيڪڙو پکڙيو آهي، ٻين ملڪن جي مناسبت سان اسان وٽ گهٽ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، اٽلي ۽ اسپين ڏسي وٺو، اسان کي الله جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪورونا ڪنهن به وقت پکڙجي سگهي ٿو، احتياط ڪرڻ نه ڇڏينداسين، نوجوانن کي ڪورونا ايترو متاثر نٿو ڪري پر اهي ئي نوجوان پنهنجي گهر ۾ بزرگرن جي زندگي مشڪل ۾ وجهي سگهن ٿا، ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ايستائين اسان ٺيڪ هلي رهيا آهيون.عمران خان چيو ته خدانخواسته بيقاعدگي ٿي ته اسان ان جو مقابلو نه ڪري سگهنداسين، ان الءِ اسان لاڪ ڊائون کي اڳيان کڻي وڃي رهيا آهيون، اسڪول، ڪاليجز، عوامي هنڌن تي ايندڙ ٻن هفتن تائين لاڪ ڊائون برقرار رهندو.