وزيراعظم عمران خان ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت سان ملاقات ڪري سندس عيادت ڪئي

لاهور:-  وزيراعظم عمران خان قاف ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪري سندس عيادت ڪئي. چوڌري شجاعت حسين جِي رهائشگاهه تي وزيراعظم ۽ چوڌري ڀائرن وچ ۾ ملاقات دوران پنجاب جَي انتظامي معاملن سميت ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون به ڪيون ويون، ملاقات ۾ قاف ليگ جا ٻيا اڳواڻ ۽ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار به موجود هو