وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڪراچي پهچندو

ڪراچي:- سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ۾ وڇوٽيون ختم نه ٿيون، وزيراعظم جي اڄوڪي دوري جي وڏي وزير کي دعوت ئي نه ملي، وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي سڀاڻي ڪراچي پهچندو، گورنر هائوس ۾ پي ايس 11 لاڙڪاڻي تي ڪاميابي ماڻيندڙ معظم عباسي سميت جي ڊي اي وفد کانسواءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات به ملاقاتون ڪندو. جنهن بعد عمران خان حب پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو، وزيراعظم گورنر هائوس ۾ ايم ڪيو ايم توڙي جي ڊي اي جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو، ذريعن موجب وزيراعظم پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻن وچ ۾ اختلاف نبيرڻ جي پڻ ڪوشش ڪندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي ڪراچي دوري بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه کي دعوت ناهي ڏني وئي آهي، سنڌ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي آمد جو شيڊيول اچي چڪو آهي، وڏي وزير کي دعوت ناهي ملي، انهي ڪري وڏي وزير جي ساڻس ملاقات نه ٿيندي،