وزيراعظم عمران خان سان ملاقات , فيصل ايڌي کي به ڪورونا وائرس جي تصديق

ڪراچي :- ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي کي به ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي، ذريعن موجب فيصل ايڌي اسلام آباد ويل هو، جتي ٽيسٽ ڪرائي وئي، فيصل ايڌي سان گڏ ڪم ڪندڙ رضاڪارن جي به ٽيسٽ ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ فيصل ايڌي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات پڻ ڪئي هئي ان کانپوءِ وزيراعظم عمران خان به ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.