وزيراعظم عمران خان سان سنڌ اندر ننڍي عمر ۾ شادين، مذهب جي تبديلي ۽ ٻين سماجي توڙي معاشي مسئلن تي ڳالهايو وڃي: امريڪي ڪانگريس ميمبر جو ٽرمپ کي خط

واشنگٽن :- امريڪي ڪانگريس جي گروپ صدر ٽرمپ ڏانهن خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته وزيراعظم عمران سان سنڌ اندر ننڍي عمر ۾ شادين، مذهب جي تبديلي ۽ ٻين سماجي توڙي معاشي مسئلن ڳالهايو وڃي، سنڌ ۾ حڪمرانن جي واضح ناڪامي نظر اچي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي سرڪاري دوري جي واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ) امريڪي ڪانگريس جي گروپ صدر ٽرمپ ڏانهن خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته وزيراعظم عمران سان سنڌ اندر ننڍي عمر ۾ شادين، مذهب جي تبديلي ۽ ٻين سماجي توڙي معاشي مسئلن ڳالهايو وڃي، سنڌ ۾ حڪمرانن جي واضح ناڪامي نظر اچي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي امريڪي ڪانگريس جي 10 ميمبرز تي ٻڌل گروپ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏانهن خط موڪليو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستاني وزيراعظم سان ملاقات دوران امريڪي صدر خصوصي طور سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين واري ٻرندڙ اشو تي ڳالهائي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪانگريس جي گروپ طرفان 21 جولاءِ تي اهڙو خط لکيو ويو هو. جنهن ۾ پاڪستان خصوصي طور سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي تنقيد ڪندي لکيو ويو آهي ته امريڪا طرفان 3 ڪروڙ جي امداد ڏيڻ باوجود پاڪستانين جون سماجي توڙي معاشي حالتون تبديل نه ٿي سگهيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو پاڪستاني وزيراعظم جي موقعي تي ڪانگريس ميمبرز جي گروپ طرفان سنڌ جي ٻڙندڙ مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي صدر کي خط لکيو ويو.خط ۾ لکيو ويو آهي ته سنڌ صوبي ۾ حڪمرانن جي ناڪامي واضح نموني نظر اچي رهي آهي، جتي ماڻهو گهڻو حڪمرانن جي انيڪ سماجي توڙي معاضي ناانصافين کي ڀوڳي رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪانگريس جي گروپ خط ۾ سنڌ اندر مذهب جي تبديلي ۽ نينگرين جي وڏي عمر جي ماڻهن سان شادي ڪرائڻ وارن معاملن جو به ذڪر ڪيو آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته سنڌ ۾ گهڻو ڪري ڇوڪرين جي اهڙن ماڻهن سان شادي ڪرائي وڃي ٿي، جيڪي کانئن ڏهه ڏهه سال وڏا آهن. رڳو سال 2018ع ۾ سنڌ اندر سوين جبري مذهب جي تبديلي وارا ڪيس منظرعام تي آيا آهن. لازمي آهي ته حقيقت ۾ ظاهر ڪيل انگ اکرن کان وڌيڪ اهڙا واقعا پيش آيا هوندا.سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ خط لکندڙن ۾ ڪانگريس ميمبر براڊ شرمن، اين ويگنر، ايڊم بي شِف، جين شيڪوسڪي، ايليئنور ايڇ نورٽون، ڪيرولين بي ميلوني، ڊيوڊ اي پرائيس، جوئان ويرگاس، ڊيوڊ شِويڪرٽ ۽ ڊئن ڪرينشا شامل آهن، سندن صحيحن سان لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستاني وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي ٻڙندڙ اشوز تي ڳالهايو وڃي. خط ۾ ميمبرز سنڌ اندر پاڻي جي بحران، دهشتگردي ۽ ايڊز جي خطرناڪ صورتحال تي به پاڪستاني وزيراعظم سان ڳالهائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.