وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪور ڪميٽي جواجلاس: مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ غور

اسلام آباد:- وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اهم اجلاس ۾ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين جي لاءِ ڪميٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب اهو اهم فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ ڪميٽي جو سربراهه هوندو جيڪو مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون ڪندو.

ان کانسواءِ ڪور ڪميٽي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ فوري بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا وڏا وزير، گورنر، وفاقي وزير ۽ سينيئر پارٽي قيادت شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ، ملڪي سياسي صورتحال، معاشي معاملن ۽ مهانگائي متعلق معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي دوري، ايران ۽ چين جي دوري متعلق ڪور ڪميٽي کي اعتماد ۾ ورتو.