وزيراعظم سنڌ ۾ نفرتون پکيڙي پيو، هو برسات متاثرن وٽ لڙي به نه آيو، اين ايف سي ايوارڊ جا پيسا ڏنا وڃن: مراد علي شاهه

لاڙڪاڻو :- وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم سنڌ ۾ نفرتون پکيڙ ڻ چاهي ٿو، وزيراعظم سنڌ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، عمران خان سنڌ جو دورو به نه ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي کي ڪهڙو پيڪيج ڏنو؟. هن چيو ته هنن تي الزام لڳائڻ کان اڳ پاڻ کي ڏسن، پ پ جو ڪم نفرتون وڌائڻ ناهي. سندس چوڻ هو ته نفرتون پکيڙڻ سندن جي تربيت ۾ شامل ناهي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جا 20 ضلعا برساتن سبب متاثر ٿيا، برسات دوران صوبائي وزير روڊن تي هئا. وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس ان وقت ختم ٿيندو، جڏهن ويڪسين ايندي، ماڻهو ماسڪ پهرن ۽ ايس او پيز تي عمل ڪن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان مري پيٽروليم ڪمپني جي وفد ملاقات ڪري سکر ۽ سجاول ۾ گيس جي ڳولا لاءِ اين او سي ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪمپني جي ڄامشوري ۾ ڪم ڪرڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جتي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ کي ترجيح ڏني وڃي. وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان مري پيٽروليم ڪمپني جي وفد ايم ڊي فهيم حيدر جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي. ايم پي سي ايل وفد آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ڄامشوري ضلعي جي ٽانگ بلاڪ ۾ گيس ڳولا جو لائسنس مليو آهي، سنڌ حڪومت اين او سي جاري ڪري. ايم پي سي ايل وفد، سکر ۽ سجاول ۾ گيس جي ڳولا لاءِ اين او سي ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو ته گيس يا پيٽرول ملڻ جي صورت ۾ 12 ڏهائي 5 سيڪڙو رائلٽي ملندي، جيڪا سالياني 3 ڪروڙ ٺهندي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ماحول بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪري اين او سي جاري ڪيو ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪمپني جي ڄامشوري ۾ ڪم ڪرڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جتي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ کي ترجيح ڏني وڃي، ڪمپني جي ڪم سان علائقي ۾ ترقي ايندي