وزيراعظم جو ملڪ مان حڪومتي جلسا ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد :- وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ حڪومتي جلسا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته ڪورونا وائرس وڌڻ سبب پي ٽي آءِ جا جلسا نه ٿيندا، ٻين کي به جلسا نه ڪرڻ جو چونداسين، اسڪولن بابت فيصلو ايندڙ هفتي ڪنداسين، ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر تيزي سان پکڙجي رهي آهي، عوام احتياط ڪري، مسجدن، فيڪٽرين ۽ دڪانن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي