وزيراعظم جون خاطريون رد، ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي واپارين پاران اڄ شٽر بند هڙتال

ڪراچي :-  واپارين وزيراعظم عمران خان جون خاطريون رد ڪري ڇڏيون آهن، ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي واپارين اڄ شٽر بند هڙتال جو اعلان  ڪيو آهي، نوابشاهه جي واپاري اڳواڻن علي اڪبر جمالي ۽ ٻين پاران به ناجائز ٽيڪس لڳائڻ واري عمل خلاف اعلانيل شٽربند هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي، لاڙڪاڻي جي واپارين به هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو اهي، قمبر ۾ ال بيڪرز يونين طرفان وڌندڙ مهانگئي سبب اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳواڻن منظور مير جت، اياز گوپانگ، ياسين ڀٽو ۽ ٻين پاران اڄ ڪاروبار بند رکي احتجاج ڪيو ويندو، پنجاب حڪومت ۽ پاڪستان ٽريڊرز الائنس جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون جنهن کان پوءِ واپاري اڳواڻن 13 جولاءِ تي هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو. جڏهن ته ڪراچي اليڪٽرونڪس ڊيلرز ايسوسيئيشن اڄ  دڪانون ۽ ڪاروبار بند رکڻ جي اعلان تي قائم آهن. وزيراعليٰ هائوس لاهور ۾ پنجاب حڪومت ۽ پاڪستان ٽريڊرز الائنس جي وچ ۾ 7 ڪلاڪ ڊگهيون ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ لاهور جي واپاي برادري اڄوڪي هڙتال جي معاملي تي ورهائجي وئي. ڳالهين کان پوءِ ٻن گروپن اڄ جو هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي صنعت ۽ واپار واري وزير  ميان اسلم  اقبال چيو ته ڪجهه مفاد پرست سياستدانن کي هڙتال ڪامياب ڪرڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪجهه تنظيمون سوشل ميڊيا تي منفي پروپيگنڊا ڪري رهيون آهن. آءِ ڊي ڪارڊ جي شرط صرف اهم ڊيلرن جي لاءِ آهي جڏهن ته  گهٽي ۽ محلي ۾ ڪاروبار ڪرڻ وارن ننڍن دڪاندارن تي ڪوبه ٽيڪس ناهي لڳايو ويو. ٻئي طرف ڪراچي اليڪٽرونڪس ڊيلرز ايسوسيئيشن اڄ  دڪانون بند  رکڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ فيصل آباد ۾ پهرين جولاءِ کان پروسيسنگ انڊسٽري جي بندش برقرار آهي. قبائلي ضلعن ۾ به اسٽيل ملز پهرين جولاءِ کان بند آهي جنهن سبب 10 هزار مزدورن جو روزگار متاثر ٿيو آهي. جڏهن ته جماعت اسلامي جي امير سراج الحق واپاري تنظيمن جي ملڪ گير هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.03