وزيراعظم بلاول کي مليل ڌمڪيءَ تي پوزيشن واضح ڪري: قمر زمان ڪائرا

Pic21-047 ISLAMABAD: Jun21- Senior Leader of Pakistan People’s Party Qamer Zaman Qaira addressing the 66th Birth Anniversary ceremony at PPP Central Secritrate Abpara. ONLINE PHOTO by Waseem Khan

لاهور :-  پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته  پئٽرول سستو ٿيڻ تي اڻلڀ ۽ مهانگو ٿيڻ تي ملي ويو، ڪڻڪ جو بحران ٻيهر ڪـَـرُ کڻي رهيو آهي، وزيراعظم کي ساڄيَ کاٻيَ مافيا موجود آهي،  خان صاحب جي سازشي ٿيوري نه هلندي، کين 2 ورهين جو حساب ڏيڻو پوندو، عمران خان اسامه ۽ بلاول کي ڌمڪين تي پوزيشن واضح ڪري. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته  ملڪ ۾ کنڊ، اٽي ۽ بجلي جو بحران آهي، عدالتن جي نوٽيس باوجود کنڊ قيمت ۾ گهٽتائي نٿي اچي. هن چيو ته کنڊ معاملي تي نواز شريف ۽ آصف زرداري تي الزام لڳندا رهن ٿا پر شگر ملن جا 80 سيڪڙو مالڪ پي ٽي آءِ جا آهن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم صاحب، کنڊ خيبرپختونخوا مان سمگل ٿي رهي آهي. قمر زمان ڪائرا چيو ته پيٽرول سستو ٿيڻ تي اڻلڀ ۽ مهانگو ٿيڻ بعد ملڻ شروع ٿي ويو، عمران خان جي ٻنهي پاسي مافيا موجود آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته وزيراعظم اسامه بن لادن کي شهيد چيو، عمران خان اسامه ۽ بلاول ڀٽو زرادريءَ کي ڌمڪين تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري. قمر زمان ڪائرا چيو ته ملڪ دشمن پارٽيون ساٿ ڏين ته محب وطن ۽ ساٿ نه ڏيڻ تي مخالف ڌر پارٽيون غدار ٿيو وڃن. پ پ اڳواڻ چيو ته ختم ٿيل مسئلا هن حڪومت ۾ ٻيهر شروع ٿي ويا، هاڻي خان صاحب جي سازشي ٿيوري نه هلندي، کيس جواب ڏيڻو پوندو