سانا ڪئناڊا پاران , ڪئناڊا جي شهر مسي ساگا ۾ ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي عُنوان ھيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو

پوري دُنيا جيان ڪيناڊا ۾ به سانا ڪئناڊا پاران , ڪئناڊا جي شهر مسي ساگا ۾ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي عُنوان ھيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو۔
جنهن ۾ ڪينا ډا ۾ رھندڙ سنڌي ڪميونٽي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ هن پروگرام جي ميزباني عابده ڄام ۽ نصرت رضوان عيساڻي ڪئي۔ هن پروگرام ۾ سنڌ م مان آيل مهمانن ھيومن رائيٽس سان تعلق رکندڙي روبينه بروهي جڳ مشھورڳائڻي استاد رجب فقير ۽ سنڌ ٽي وي جي مشھور سنگر نروڌا مالني پڻ شرڪت ڪئي۔
هن پروگرام ۾ برمٽن سٽي جي ميئر پيٽرڪ برائون ۽ ميمبر آف اونٽاريو پارليامينٽ نتاليا پڻ شرڪت ڪئي جن جو چوڻ ھو ت اسان کي خوشي آھي ت انڊس سولائيزشن ھڪ پراڻي تھزيب آھي ۽ اُن پراڻي تھزيب جا ماڻھو ن ڪينا ڊا۾ پنھنجي ثقافت کي ملا ھن پيا ھن وڌيڪ چيو مون کي فخر آھي ت ھن تاريخي قوم جي ثقافتي پروگرام جو حصوآھيان ،انھيءسان گڏ ورلڊ سنڌ ي ڪانگريس ڪيناڊا جي آرگنائيزر حاجن ڪلھوڙي سنڌ جي مختلف ٻرندڙ اشوز تي ڳا لھائيدي چيو ت ھئينر سنڌ تمام مشڪل مرحلي مان گُذري رھي آھي ۽ سنڌ جو ماڻھون ويڳاڻائب جو شڪار آھي اھڙي مشڪل وقت ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي مالڪي ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي
سانا ڪئناڊا جي صدر ڄام منير آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا۔ سانا ڪئناڊا جي جنرل سيڪريٽري رضوان عيساڻي سانا ڪئناڊا جي مول متن تي روشني وڌي۔ تقريب کي ربنواز ڳاهو شيراز ميمڻ شاهد بهرآڻي روحي ڪلهوڙو پڻ خطاب ڪيو سانا ڪئناڊا جي نائب صدر راج بنساري ۽ ڪوشي بنساري آيل مهمانن کي تحفا ڏنا۔ پروگرام جي آخر ۾ استاد رجب فقير ۽ نروڌا مالني سنڌ ٽي وي جا مشھور ڪلام لونگ ڦوٽا ٿالھي ۾ ، مور ٿو ٽلي راڻا ڳائي پوري هال کي جهومايو.