ورلڊ بينڪ کان ڪراچي ۾ نالن جي صفائي لاءِ ڏنل هڪ ارب رپين جي آڊٽ جو مطالبو

ڪراچي :- ڪراچي جي وڏن نالن ۾ ڪچرو ڀريل آهي، برسات کانپوءِ شهر ۾ آيل تباهيڪڏهن به ناهي ڏٺي، ڇا بلاول ڀٽو کي ڪراچي ۾ نالن جي تباهيءَ نظر نٿي اچي، پي ٽي آءِ ورلڊ بئنڪ کان ڪراچي ۾ نالن جي صفائي لاءِ ڏنل هڪ ارب رُپين جي آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ايم پي اي خرم شيرزمان چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ سندس پارٽي ڪراچي جي ڪمائِي کائيندا آهن، ڇا بلاول ڀٽو پنهنجي حڪومت ۽ ادارن کان پُڇيو آهي ته ڪراچي جي نالن جي صفائي ڇو ناهي ٿي ۽ برساتي پاڻي ڇو بيٺل آهي؟ لڳي ٿو بلاول ڀٽو جو شهر ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو نه، پر دبئي آهي، ڪراچي ۾ نالن جي صفائي لاءِ مليل هڪ ارب رُپين مان رڳو 25 ڪروڙ رُپين جو خرچ ڏيکاريا ويا، جاچ ڪئي وڃي ته باقي 75 ڪروڙ رُپيا ڪيڏانهن ويا، پيپلز پارتي جي حڪومت ۾ ڪراچي جي نالن لاءِ مليل پئسا به ڪرپشن جي نظر ٿي وڃن ٿا.