واپاري خساري ۾ 35 ۽ مالياتي خساري ۾ 36 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي سميت پرڏيهه ۾ رهندڙ افرادي قوت ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اضافو ٿيو : عبدالحفيظ شيخ

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان جي ويزن مطابق پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اقتصادي پاليسين جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هلندڙ مالي سال جي شروعاتي ٽن مهينن دوران حڪومت جي نان ٽيڪس آمدني ۾ 140 سيڪڙو اضافو ٿيو. ملڪ جي واپاري خساري ۾ 35 سيڪڙو ۽ مالياتي خساري ۾ 36 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. روانگي واپار م اضافو ۽ آمدني واپار ۾ گهٽتائي آئي. ايڪسچينج ريٽ ۽ پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ استحڪام آيو. ان کان سواءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي سميت پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ افرادي قوت ۽ اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به نمايان اضافو ٿيو آهي.اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيط شيخ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شبر زيدي ڇنڇر ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عبدالحفيظ چيو ته حڪومت ڪوشش ڪئي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آندو وڃي ۽ پرڏيهي مٽا سٽا وارن ناڻن جي ذخيرن کي مستحڪم ڪيو وڃي. ان حوالي سان اسان دوست ملڪن سان مختلف معاهدا ڪيا ۽ ان سان 7 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم حاصل ڪئي ۽ اهڙي ريت عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سميت ٻين عالمي ادارن سان به 10 ارب ڊالر حاصل ڪيا ويا جنهن سان پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن کي بهتر ڪيو ويو. هن چيو ته حڪومت پنهنجن خرچن کي گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن تحت ڪابينه جون پگهارون گهٽ ڪيون ويون ۽ فوج جو بجيٽ منجمند ڪيو ويو. ان کانسواءِ سيڪريٽري سطح جي اعليٰ آفيسرن جون پگهارون منجمند ڪرڻ کان سواءِ وزيراعظم آفيس ۽ وزيراعظم هائوس جي خرچن ۾ به گهٽتائي سان گڏوگڏ حڪومتي آمدني وڌائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ايف بي آر لاءِ 5500 ارب رپين جي ٽيڪس وصولين جو هدف رکيو ويو آهي. حڪومت طرفان روانگي واپار واري صنعت کي بجلي، گئس ۽ قرض حاصل ڪرڻ ۾ مراعتون ڏنيون پيون وڃن. مالي سال جي پهرين 3 مهينن دوران حڪومت ٻن وڏن خسارن تي ضابطو آندو آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال پهرين ٽن مهينن دوران مالياتي خسارو 738 ارب رپين تائين گهٽ ٿيو، اهڙي ريت ان ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. هلندڙ مالي سال دوران حڪومتي آمدني ۾ 16 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. هلندڙ مالي سال بجيٽ نان ٽيڪس روينيو جو هدف 1200 ارب رپيا رکيو ويو آهي جنهن ۾ 400 ارب رپيا اضافي سان هن کي 1600 ارب رپين تائين وڌائڻ لاءِ پراعتماد آهيون. ايڪسچينج ريٽ جي حوالي سان ان چيو ته ماضيءَ ۾ ان کي هڪ حد تائين رکڻ لاءِ ڪيترائي ارب ڊالر ضايع ڪيا ويا پر اسان ڪوشش ڪئي آهي ته پاڪستاني عوام جي پئسن جي ذيان کي روڪيو وڃي ته جيئن روانگي واپار وڌي سگهجي. چيو ته گذريل پنجن سالن دوران پاڪستان جي روانگي واپار ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو هو پر هاڻي ان ۾ اضافي جو رجحان ڏسي رهيا آهيون ۽ حڪومتي قدمن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته جنوري کان آگسٽ 2018ع دوران 2 لک 24 هزار پاڪستاني روزگار لاءِ پرڏيهه ويا جڏهن هلندڙ سال انهي عرصي ۾ 3 لک 73 هزار ماڻهو پرڏيهه ويا. اهڙي طرح 8 مهينن دوران پرڏيهه ۾ روزگار حاصل ڪندڙ پاڪستانين جي انگ ۾ ڏيڍ لک جو اضافو ٿيو آهي ان جو به قومي معيشت تي هاڪاري اثر پوندو.هن چيو ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ ملڪ جي واپاري خساري ۾ 35 سيڪڙو جڏهن ته مالياتي خساري ۾ 36 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. روانگي واپار ۾ اضافو ۽ آمدني واپار ۾ گهٽتائي ٿي آهي. سوال جي جواب ۾ ايف بي آر چيئرمين چيو ته نائين ۽ ڏهين آڪٽوبر تي ناڻي واري وزارت جي عملدارن يو اي اي ۾ عملدارن سان ڳالهيون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ دبئي لينڊ اٿارٽيءَ اتي رهندڙ پاڪستانين جي ملڪيت جي معلومات فراهم ڪندي ان کان سواءِ ايگامي جي غلط استعمال جي مسئلن تي به ضابطو آندو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته هلندڙ سال دوران پي ايس ڊي پي جي مد ۾ وڌيڪ فنڊ رليز ڪيا ويا آهن، ايس ايم ايز جو شعبو اهم آهي جنهن لاءِ ايندڙ ٻن هفتن ۾ پاليسي اچي رهي آهي جنهن ۾ شعبي جي فنانسنگ، مراعتن، ڪاروباري آسانين سميت ٻين مسئلن جو حل هوندو. هن چيو ته مالي سال جي پڇاڙي تائين اسٽيٽ بئنڪ جي منافعي ۾ 200 ارب رپيا منافعو ۽ نجڪاري مان 300 ارب رپين جي آمدني متوقع آهي، جڏهن ته حڪومتي ادارن جو منافعو به 120 ارب رپين تائين وڌڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو نه ٿيڻ سبب عام ماڻهو کي فائدو ٿيو آهي.