واپاري تنظيم حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ لاءِ 3 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:- واپارين جي مرڪزي تنظيم جي صدر ڪاشف چوڌري حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ لاءِ 3 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي ۽ چيو آهي ته 3 ڏينهن ۾ حڪومت فيصلو نه ڪيو ته واپارين جي تحفظ لاءِ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين. واپارين کي وفاق ۽ صوبن جي سياست جي ور نٿو چاڙهي سگهجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪاشف چوڌري چيو ته حڪومت کي لاڪ ڊائون جي نالي تي ڪجهه ڪاروبارن جو معاشي قتل نه ڪرڻ ڏينداسين. صرف ڪجهه ڪاروبارن جي بندش منظور ناهي.وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اڃان تائين واپارين جي لاءِ ڪنهن به قسم جي رليف جو فيصلو ناهي ڪيو. بجلي ۽ گيس جي بلن، ڀاڙن، وياج کان سواءِ قرضن سميت ڪوبه رليف ناهي ڏنو ويو.هوڏانهن آل پاڪستان انجمن ۽ ٽريڊرز ايڪشن ڪميٽي اسلام آباد جي صدر اجمل بلوچ ۽ سيڪريٽري خالد محمود چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد ڪو واپار جو شهر ناهي پهريان ئي ڪورونا وائرس ۽ ڊگهي لاڪ ڊائون سبب ڪاروبار تباهه ٿي چڪو آهي.