واهي پانڌي ۾ٻنيءَ مان ٽماٽا کڻندڙ ناريءَ تي وحشياڻو تشدد، پوليس جو انوکو انصاف، دانهن کڻي پهتل پيءُ گرفتار

واهي پانڌي:- واهي پانڌي ويجهو ڳوٺ محمد علي جمالي ڀرسان زرعي زمين مان ٽماٽا چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ ناري خيرا باگڙي مٿان بااثر زميندار پاران وحشياڻو تشدد، واهي پانڌي پوليس ناري تي تشدد ڪرڻ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ناري جي پي کي ٿاڻي تي کڻي لاڪپ ڪري ڇڏيو، واهي پانڌي پوليس جي اهڙي عمل خلاف تشدد جو نشانو  بڻيل ناري ۽  باگڙي برداري جون عورتون واهي پانڌي ٿاڻي تي پهچي ويو، جتي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ناري جي وارثن دانهيو ته اصغر جمالي شاهنواز جمالي ابراهيم اسان جي جوان ڇوڪري کي ٽماما چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ تشدد جو نشانو بڻايو آهي، پوليس اسانجي دانهن جو الٽو نقصان ڏيندي اسانجي همراھ نانڪ باگڙي کي گرفتار ڪري ناانصافي ڪئي آهي، اسانجو جو ڏوھ فقط اهو آهي جو اسان پورهيت آهيون، هتي مسافر بڻجي پورهيو ڪندا آهيون، ڀاگڙي برادري جي اهڙي احتجاج بعد ناري جي گرفتار پي کي آزاد ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين فيصلو واريو آھي، جنهن تي نانڪ باگڙي کي آزاد ڪيو ويو آھي.