واردات دوران جوابدار سان گڏ سندس پُٽ به شامل هئا: ايس ايس پي سکر

پنوعاقل :- ايس ايس پي سکر عرفان سمون واقعي واري هنڌ پهچي ويو، ايس ايس پي سکر چيو آهي ته واردات دوران جوابدار سان گڏ سندس پُٽ به شامل هئا، چارئي جوابدار واقعي کانپوءِ گهوٽڪي جي عادلپور واري علائقي ۾ لڪي ويا هئا، جتي ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪري ورتو، پوليس چيو آهي ته جاچ دوران جوابدار پنهنجي گهرڀاتين کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي