وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ علامتي بک هڙتال جو اعلان

وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ پاران کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزاديء لاء 6 آڪوٽوبر10 بجه کان 1 بجه تائين آچر جي ڏينهن علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي، لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان ,
۽ 12 آڪٽوبر ڇنڇر جي ڏهاڙي، ڪراچي پريس ڪلب، منجهند 2 بجه کان 5 تائين علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي
پاڪستان ڪشمير جو ماتم ڪرڻ کان پهرين سنڌ جا کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪري

پاڪستاني رياست هڪ طرف ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي خاتمي تي ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي لاء ٻڙڌڪ مچائي رهي آهي ته ساڳئي ئي وقت پاڪستاني رياست
سنڌ مان، مسعود شاه، ڪاشف ٽڳڙ، ايوب ڪانڌڙو, پروفيسر شبير ڪلهوڙو , مرتضي سولنگي، شفيق عمراڻي، باسط ڪلهوڙو، علي احمد ٻگهيو، اعجازڳاهو، سُهيل رضه ڀٽي، شادي سومرو , انصاف دايو , مرتضي جوڻيجو , شاهد جوڻيجو سميت سوين سياسي ۽ قومپرست ڪارڪن کنڀي گم ڪري انهن تي تشدد ڪيو پيو وڃي

هتي صرف ۽ صرف وحشت , دهشت , ملائيت ۽ لاقانونيت جو راڄ آهي.
انڪري اسين پنهنجي بنيادي انساني حقن لاء عالمي عدالت ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن کي اپيل ڪيون ٿا ته اهي انساني بنيادن تي سنڌين جي مدد ڪري کنڀي گم ڪيل سنڌي ڪارڪن واپس ڪرائي ڏين.
فوجي عدالتن ۾ سويلن ۽ سياسي ڪارڪنن جا ٽرائل ٿيڻ ڪري بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي،
قومي ڪارڪنن کي سالن تائين کنڀي گم ڪري ۽ پوء بعد ۾ جن کي ظاهر ڪيو ويو ته، انهن تي دهشتگرديء جا ڪوڙا ڪيس هڻي کين جيلن ۾ موڪليو ويو آهي. انجي باوجود اڄ به سنڌ مان ٻن درجنن کان وڌيڪ سياسي ۽ قومپرست ڪارڪن گم آهن،
اسين پُرُ زوي گُهرَ ڪيون ٿا ته سمورن ڪارڪنن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي،
۽ سنڌ ۾ رهندڙ ھر سياسي سماجي ڪارڪن توڙي هر فرد، اڳواڻن، قومپرست تنظيمن ۽ انساني حقن جي ادارن کي گذارش ڪيون ٿا ته زوري کنڀي گم ڪيل ماڻھن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن لاء آواز اُٿارين ته جيئن فيمليز مان ڏک ۽ بي چيني واري حالت ختم ٿي