وائس فار مسنگ پرسنز جي سڏ تي فريد آباد ۾ بک هڙتال

فريدآباد:-  وائيس فار مسنگ پرسنز جي سڏ تي  ڪاڇي جي ٻن سڳن ڀائرن  سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن  جي آزادي لاء  کنڀي گم ڪيل رياض حسين خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ امتياز خاصخيلي جي وارثن جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن بک هڙتال جاري، فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنز جي سڏ تي ڪاڇي جي ٻن سڳن ڀائرن رياض حسين ۽ امتياز خاصخيلي سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن  جي آزادي لاءِ ٻي ڏينهن به  ڪاڇي واسي ڳوٺ الھڏنو تيوڻو مان کنڀي گم ڪيل رياض حسين خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ امتياز خاصخيلي جي وارثن حاجي خاصخيلي، راجا مزمل خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  بک هڙتال جاري رکي وئي. کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن  ڳالھائيندي چيو ته اسانجا نوجوان بنا جواز بي گناھ کنڀي گم ڪيا ويا آھن. سندن جو ڪو ڏوھ گناھ ڪونھي، ڪو ڏوهه آهي يا ھو ڏوھي آھن ته انھن کي ڪورٽن ۾  پيش ڪري کين ظاھر ڪيو وڃي