“هڪ سنڌ،هڪ ثقافت” ڀٽائيءَ جي ڀونءِ ثقافتي رنگن ۾ رڱجي وئي، تياريون آخري مرحلي ۾ داخل

ڪراچي :- وائيس آف سنڌ لنڊن طرفان پهرين ڊسمبر تي“ هڪ سنڌ هڪ ثقافت ” جي عنوان هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ تياريون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آهن. ڌرتي ڌڻي قومي عيد سڀاڻي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا . قومي ڪاڄ جي حوالي سان مک تقريب ڪراچي پريس ڪلب آڏو ٿيندي، جڏهن ته ،حيدرآباد، سکر ، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پڻ ثقافتي تقريبون رٿيون ويون آهن. ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان  شهرن، روڊ رستا ۽ گهرن کي سينگاريو ويو آهي.