هڪ جهڙو قومي نصاب سمورن طبقن کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو: شفقت محمود

اسلام آباد :- تعليم واري وفاقي وزير  شفقت محمود جي صدارت هيٺ هڪ جهڙي قومي نصاب جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ هڪ جهڙي قومي نصاب جي حوالي سان هاڻي تائين ٿيل اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وفاي وزير چيو ته جيستائين پاڪستان ۾ طبقاتي فرق موجود رهندو  تيستائين هڪ قوم ۽ گڏيل پاڪستان جو خواب ساڀيان نه ٿيندو. هن چيو ته هڪ جهڙو قومي نصاب ئي سمورن طبقن کي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.  شفقت محمود چيو ته قومي نصاب يورپ جي ترقي يقافته ملڪن ۾ رائج آهي ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ به ان جو مثال موجود آهي. هن چيو ته هڪ جهڙي قومي نصاب  جو معيار ڪنهن به ريت عالمي معيار کان گهٽ ناهي ۽ هتي اسان جي ٻارن جي سگهه ۾ واڌارو ۽ سندن فطري صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ جو سبب بڻجندو. هن تاڪيد ڪئي ته هڪ جهڙي قومي نصاب بابت هر اڳڀرائي کان سمورن صوبن ۽ اسٽيڪ هولڊرس کي آگاهه ڪيو وڃي. ۽ مهيني ۾ 2 ڀيرا سمورن صوبن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرس سان گڏجاڻي رکي وڃي.