هڪ آرمي چيف جي ڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي: چيف جسٽس هڪ وزيراعظم کي به سزا ڏني ۽ ٻئي کي نااهل قرار ڏنو: چيف جسٽس

اسلام آباد : چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته هڪ آرمي چيف جي ڪيس جو به فيصلو جلد اچڻ وارو آهي، هڪ وزيراعظم کي نااهل قرار ڏنو ۽ هڪ کي سزا ڏني. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران چيف جسٽس آف پاڪستان آصف سعيد کوسه چيو ته 2009ع کان اڳ واري عدليه سان هاڻوڪي عدليه جي ڀيٽ نه ڪئي وڃي، هاڻي عدليه مختلف ۽ آزاد آهي، ڇا توهان کي ياد نه آهي ته عدليه هڪ وزيراعظم کي سزا ڏني ۽ ٻئي کي نااهل قرار ڏنو، هڪ آرمي چيف جي ڪيس جو به فيصلو جلد اچڻ وارو آهي. وزيراعظم چيف ايگزيڪيوٽو آهي، چونڊيل نمائندو آهي ۽ اسان لاءِ محترم آهي، کيس اهڙي قسم جا بيان ڏيڻ وقت خيال رکڻ گهرجي. اسان ته ڪابه شئي نه گهريتقريب کي خطاب دوران چيف جسٽس چيو ته اسان ته سرڪار کان هڪ آنو به ناهي گهريو، جج يا ڪورٽ روم ناهي گهريو، بجيٽ ۽ قانون ۾ ترميم جي به گهر نه ڪئي آهي. بنا وسيلن جي انصاف مهيا ڪري رهيا آهيون، تنهن ڪري ججز تي اعتراض واريندڙن کي به احتياط ڪرڻ گهرجي، اُهي ڏينهن رات محنت ڪري ڪمزور طبقي کي انصاف مهيا ڪري رهيا آهن. 3 هزار هڪ سئو ججز ۽ مئجسٽريٽس 36 هزار ڪيسز تي فيصلو ڏنو آهي، اُن ۾ عدم توازن واري ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اُنهن ڪيسز ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو طاقتور هوندو، باقي ٻين سڀني ۾ ڪمزور طبقي کي انصاف مليو آهي.