هِن دهشتگرد جي کنڀجڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي

هِي بدنام دهشتگرد پروفيسر انعام ڀٽي آهي، جيڪو ڪنهن وقت ۾ پاڻ کي ”انعام ڪالاڻي“ پڻ سڏائيندو هو. هِن جو سڀ کان وڏو ڏوهه هي آهي ته هي علم دوست، سنڌ دوست ۽ محبت وطن آهي. اهم ڳالهه ته هي دهشتگرد ماضيءَ ۾ ”جيئي سنڌ“ جي سياست سان وابسته رهيو ۽ پوءِ جڏهن کيس نوڪري ملي ته هِن پنهنجو گهڻو ڌيان درس و تدريس تي ئي ڏنو ۽ سنڌ جي نوجوانن جي رهنمائي ڪندو رهيو آهي. اُن هوندي به سياسي ڪارڪن هئڻ ڪري پنهنجي ”ڪِرت“ کان مجبور رهيو ۽ هِن پنهنجون سياسي وفاداريون سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سان وابسته ڪري ڇڏيون، جيڪا وفاقي پاڪستان ۾ يقين رکي ٿي. اليڪشن جي سياست ڪري ٿي ۽ اعلانيه طور پاڪستان جي سلامتيءَ جي خير خواهه آهي!

انعام ڀٽي جو ٻيو وڏو ڏوهه سن جي سيد خاندان سان غير مشروط محبت آهي. هِي منهنجو پڻ ذاتي دوست رهيو آهي. سچ پچ ته مون پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي ٿورا گهڻا باڪردار، بااخلاق ۽ هر وقت مسڪرائيندڙ ماڻهو ڏٺا آهن، انهن منجهان انعام ڀٽي به هڪ آهي. مان سمجهان ٿو ته هن جي اُها سونهن، سَڀيتا ۽ مُرڪ به دهشتگردي جي زمري ۾ اچي وئي آهي. اطلاع آهن ته هُو ترڪيءَ ۾ هڪ تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته کيس ڪراچي ايئرپورٽ تان کنڀي گم ڪيو ويو آهي. مون وٽ ڪي به ثبوت ناهن ته مان ڪنهن ايجنسيءَ تي الزام هڻان، پر مون کي ايتري پڪ آهي ته پنهنجي ملڪ جي سگهارن ۽ طاقتور ادارن کانسواءِ اهو ڪم ڪير به نٿو ڪري سگهي. اُهي ادارا وقت اچڻ تي عدالتن ۾ اُهو موقف پڻ اختيار ڪندا رهيا آهن ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ ۾ پرڏيهي ايجنسيون ملوث آهن. خاص طور تي انڊيا ۽ افغانستان جون ايجنسيون اهڙو ڪم ڪنديون رهيون آهن. ڪيترائي ڀيرا سپريم ڪورٽ ۾ به اهڙو موقف اختيار ڪيو ويو آهي! جيڪڏهن اُهو سچ آهي ۽ پاڪستان ۾ پرڏيهي ايجنسيون سرگرم آهن ته پوءِ اُن جا ذميوار به قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ايجنسيون ئي آهن، جيڪي يقينن! ناڪام ئي ٿيون آهن جو پرڏيهي ايجنسين کي ايتري همت ٿي آهي جو اُهي پاڪستان جي اندر پاڪستان جي شهرين کي کنڀي گم ڪري ڇڏين ٿيون!

خير! پاڻ سڀ ڳالهه سمجهون ٿا. سَچ هي آهي ته مُون کي هِن دهشتگرد نالي انعام ڀٽي جي کنڀجڻ تي خوشي ٿي آهي، ڇو ته اسان روئي روئي هاڻي ٿڪجي پيا آهيون. هِن قسم جا ماڻهو به توهان کنڀي گم ڪندا ته پوءِ هيءَ قوم به ضرور سجاڳ ٿيندي، ۽ پنهنجا ازلي حق وٺي ڏيکاريندي- پوءِ شايد توهان کي به لِڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي!

صاف ظاهر آهي ته اڳ ۾ جيڪي ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويندا هئا، اُنهن جي ڪردار بابت گهڻي خبر نه هوندي هئي، جنهنڪري اُنهن جي کليل حمايت ۽ وڪالت به ڪري نه سگهبي هئي، پر انعام ڀٽي کي ته پاڻ سڀ سڃاڻون ٿا. هو سنڌ جي هڪ مُعتبر اداري جو مُعتبر استاد آهي، جنهن کي توهان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڏوهه به نه ٻڌايو آهي! هاڻي پاڻ سڀني کي پڪ ٿيڻ گهرجي ته پاڻ ڪهڙي وقت به کنڀجي سگهون ٿا. هو سنڌ سان محبت جي ڏوهه ۾ جيڪڏهن مون کي کنڀي ويندا ته مون کي خوشي ٿيندي ۽ جيڪڏهن مون کي ماري لاش اڇلائي ويندا ته وطن سان محبت جي ڏوهه ۾ منهنجي روح کي صدين ڀريو سڪون ملندو- باقي اسان ڊڄي ڊڄي جيئڻ نٿا چاهيون!

ڪالهه ئي توهان چيو هو ته سنڌ پاڪستان جي اڏيندڙ آهي ۽ سنڌ پاڪستان جي جان آهي… هاڻي ائين ٿو لڳي ته توهان جان وٺي پوءِ ئي جان ڇڏيندا…!!