هي ڪنهن ڀنڀور ۾ آ، ٻاري باهه ليکڪ: اجمل ميرمهدي

مهراڻ هميشه امن ۽ سڪون جي تصوير رهي آهي، صوفي شاه عنايت، سچل سرمست، سامي، حامي، بيدل ۽ ڀٽ جو گهوٽ لطيف سرڪار به مهراڻ جي ماروئڙن جي هي حالت ڏسي پنهنجي آرامگاه ۾ رت روئندا هوندا ۽ سندن صوفين واري مهراڻ مذهبي انتهاپسند،شدت پسند ۽ شَرپسند عنصرن جي وَر چڙهي ويندي ۽ جنسي بگهڙن سميت جنسي دهشتگرد بي لغام ٿي ڪري سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ستَ قرآن سمجهيل نياڻين ۽ معصوم گُلڙن وانگر معصوم گُلن جي عصمت ۽ عزت لُٽيندا رهندا ۽ سنڌ جي جيجل صرف لاش ڏسندي رهجي ويندي. ڇا جنسي دهشتگردن جي خلاف قانوني ڪاروائي ٿي سگهندي جيڪي جنسي دهشتگردن نياڻين جا لاش جنسي ڏاڍائي کان پوءِ بي يارو مددگار مختلف هنڌن تي ڦٽا ڪري ويندا آهن؟ سنڌ ۾ ٻَريل هي باهه ڀنڀور کي چئني پاسن کان وڪوڙي وئي آهي، هرروز مهراڻ ۾ موت جو ماتم پنهنجي روايتي انداز ۾ با ضمير انسانن کي جهنجهوڙي رهيو آهي سنڌوءَ جي پاڪ ڌرتيءَتي خون جي دريا کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن نياڻيءَ کي قرباني جو سبب بڻڻو پئجي وڃڻو پوي ٿو، خون جو دريا به مهراڻ جي موجن جيان وهندو رهي ٿو ۽ ان خون جي بي لغام وهڪري کي ڏسي ڪري سنڌو دريا به سنڌ ۾ وهندڙ خون تي روئيندو هوندو. قلندر لعل به پنهنجي جلال ۾ ايندو هوندو ۽ هنن علمناڪ حالتن تي رت جا ڳوڙها روئيندو هوندو.
سنڌ جا اصل وارث هندو آهن، جيڪي سنڌ جي قديم تهذيب و تمدن جو عملي طور تي حصو رهيا آهن. سندن سنڌ جي ترقي ۾ بي پناه حصو ارپيو آهي. اڄ سنڌ جا هندو وارث پنهنجي نياڻين سميت پنهنجي جان و مال جي قرباني ڏئي رهيا آهن. سندن لاش ملڻ وارو سلسلو هاڻي روز جو معمول ٿي ويو آهي. ڪڏهن لاش عمرڪوٽ ۾ انصاف جي لاءِ پيل ملندو آهي ته ڪڏهن اتر سنڌ ۾ لاش گولين سان چچريل ملندو آهي ته وري ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته نابالغ نياڻيون ئي اغوا ٿي وينديون آهن ۽ سندن نياڻين جي خبر شادي ٿيڻ جي صورت ۾ پئجي ويندي آهي. ائين هندو اقليتن لاءِ سنڌ جي پاڪ زمين تنگ ڪئي وئي آهي.
ميرپورخاص ۾ تازو ٿيل واقعو انساني ضمير جي مٿان ڪارو داغ ٿي ويو آهي، گهوٽڪي ۾ اقليتن لاءِ زمين تنگ ڪندڙ شخص سميت انتها پسند ۽ شرپسند ماڻهن اقليتن جون ملڪيتون، جان و مال سان گڏ نياڻين لاءِ به آسمان کُٽائي ڇڏيو آهي. ”اي خدا لهي آ مٿان،ڏس هي پنهنجو جڙيل جهان“گهڙي کن لاءِ نمرتا جي لاش ڏسي انساني باشعور ۽ غيرتمند سنڌ جا ماروئڙا ائين ڦٿڪي رهيا هئا جئين مڇي پاڻي کان ٻاهر پنهنجي زندگيءَ جي بازي لاءِ بي يارو مدگار ڦٿڪي رهي هوندي آهي. آخر ڪيترا لاش کينا ويندا مهراڻ جي مقدس ترين ڌرتيءَ تان…؟ آخر ڪيترا اجها ڊاهي پَٽَ ڪيا ويندا؟ آخر ڪيترين مائرن کي پنهنجي جهولين کان محروم ڪيو ويندو؟ ڪهڙي گهر، خاندان ۽ ماءٌ جو درد لکجي ۽ ڪيترن نياڻين جي خون سان رنڱيل ان تاريخ جا ورق کولي پڙهجن، روح ڪانڊارجي وڃي ٿو اهڙا وحشت سان ڀريل واقعا ڏسي ڪري، ائين تهڪنهن انساني معاشري ۾ به نه ٿيندو هوندو. نياڻين لاءِ مچيل هي مقتل سنڌ اندر قيامت نازل ڪري ڇڏي آهي. ڀنڀور ۾ لڳل هي باهه صرف گهرن ۽ وسندين تائين محدود ناهي، پر هاڻي تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ واقعن ۾ مُلوث جنسي ڏاڍائي ۽ جنسي بگهڙن جي حوس پرستي ڪو ڳجهه ناهي رهي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿيل نياڻيءَ جو قتل انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي. نمرتا قتل ڪيس جي معاملي ۾ شفاف ۽ غيرجانبدار تحقيقات ٿيڻ گهرجي ته جئين تعليمي ادارن ۾ روز جو معمول بڻيل واقعاروڪڻ ۾ ڪا هٿي ملي ۽ ڏوهارين کي حقيقي قانون موجب عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ان علم جي پرورڙڻ وارن ادارن جي ڪارڪردگي ته بهتر ناهي ٿيندي پر موت جي معاملي ۾ رينڪنگ ضرور تبديل ڪندا رهندا آهن،اسان جي اخلاقيات ان حد تائين وڃي پهتي آهي ته درسگاهن، سکياگهرن ۽ تربيت وارن هنڌن تي انسان وحشي پن پنهنجي اندر کان ٻاهر اچي ويو آهي جنهن نياڻين، معصوم ٻارڙن سميت عورتن، جوانن جي عزت، عظمت ۽ حرمت کي داغدار بڻائي ڇڏيو آهي.ان خون جي دريا کي ڪو نه ڪو بند ڏيڻو پوندو ۽ سنڌ سرڪار کي پنهنجي انساني هوش ۾ اچڻ گهرجي ته جئين انساني ضمير جي زنده هجڻ جو ثبوت ملي سگهي. قانون نافذ ڪندڙ ادارن سميت سنڌ حڪومت جو پهريون فرض آهي ته جامع پاليسي جوڙي ڪري جنسي دهشتگردن، شرپسند عنصرن خلاف عملي طورتي قانون مطابق ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي. اقليتن سميت نياڻين، عورتن جي عصمت ۽ عزت کي بچائڻ لاءِ ديرپا پاليسي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. رياست جو پهريون فرض انسانن جي جان، مال، عزت ۽ آبرو جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي