هيٽي جو صدر پنهنجي ئي گهر ۾ گوليون هڻي قتل

واشنگٽن:- هيٽي جي صدر جووينيل موئزي کي رات جو سندس ئي گهر ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مقامي ذريعن موجب ان جي زال به حملي ۾ زخمي ٿي آهي.صدارتي هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته رات جو هڪ وڳي حملو ٿيو جنهن ۾ سندس گهر واري به زخمي ٿي پئي آهي. هيٽي جي عبوري وزيراعظم ان حوالي سان بيان ڏنو آهي ته حملو پرڏيهي ڪمانڊو گروپ ڪيو. هيٽي جي صدر کي ان جي گهر ۾ ئي قتل ڪيو ويو. ان حملي بابت جاچ جاري آهي ۽ ڪنهن به ويڙهاڪ گروپ اڃان تائين قتل جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.وزيراعظم پاران جاري ڪيل بيان ۾ حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ بابت ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو پر اهو چيو پيو وڃي ته حملو ڪندڙ هسپانوي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا.  صدر جووينيل موئزي فيبروري 2017 ۾ هيٽي جو صدر چونڊجيو هو ان جي خلاف ڪيترن ئي سالن کان احتجاج جاري هو ۽ ان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو پئي ويو