هيوم رائٽس ڪميشن آف پاڪستان چيپٽر سنڌ ۾ جبري گمشدگين ۽ ڏوهن واري واراداتن ۾ اضافي سميت انساني حقن واري ڪمزور صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

حيدرآباد: هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ چيپٽر سنڌ ۾ جبري گمشدگين ۽ ڏوهن واري واراداتن ۾ اضافي سميت انساني حقن واري ڪمزور صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪورونا وبا دوران سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل آرڊيننس ۽ انتظامن تي اطمنان جو اظهار ڪيو آهي، هيومن رائٽس ڪميشن سنڌ چيپٽر جي وائيس چيئرپرسن قاضي خضر حبيب ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ چيپٽر جي ساليانا رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سال 2020 ۽ 2021 دوران به ڪورونا وبا سبب سنڌ ۾ 3 هزار 3 سو 60 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران ڪووڊ 19 ايمرجنسي رليف آرڊيننس 2020 جي منظوري ۽ ڪورونا وبا کان بچاءِ وارا قدم تاريخ جوڳا آهن، جڏهن ته ڪووڊ سبب اسٽيل مل سميت مختلف ڪارخانن ۽ صنعتن مان 4 هزار 5 سو کان وڌيڪ مزدورن کي بي روزگار ڪيو ويو، ته ٻئي طرف سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊن وارا 4 سالن وارو مدو 30 آگسٽ تي پورو ٿي رهيو آهي پر سنڌ حڪومت پاران بلدياتي چونڊن جو اعلان نه ڪيو ويو آهي جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي، هن چيو ته سال 2020 ۾ 121 قيدين کي موت واري سزا ٻڌائي وئي، هن چيو ته ملڪ ۾ قانون ۽ آئين تي مڪمل درآمد واري صورتحال به نظر نه آئي سال 2020 دوران هڪ قوم پرست جماعت تي پابندي لڳائي وئي 127 ماڻهن کي جبري لاپتا ڪيو ويو، جنهن مان 112 ماڻهو بازياب ٿي گهر پهتا جڏهن ته 15 ماڻهن جو ڪو ڏس پتو نه آهي، بازياب ٿي گهر پهتل ماڻهن تشدد ۽ حراسان ڪرڻ جون پڻ دانهون ڪيون آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال به بهتر نه آهي تعليم واري صوبائي وزير موجب 35 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ عزت جي نالي تي 197 ڏوهن جون وارداتون ٿيون جن ۾ 19 مرد ۽ 136 عورتون ڪاروڪاري جي الزام هيٺ مارجي ويا، هن چيو ته سال 2020 دوران جبري مذهب جي تبديلي جا تقريبن 6 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. ان موقعي تي سعيد بلوچ، پروين سومرو، سليم جروار، پروفيسر امداد چانڊيو، غفرانه آرائين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا