هواوي جي سمارٽ فونز جو جاپان ۾ وڪرو شروع

ٽوڪيو :- جاپان جي وڏي موبائل فون ڪمپني جي ڊي ڊي آئي چيو آهي ته هو چيني ساخته موبائل جو وڪرو شروع ڪري ڇڏيندي. ان کان اڳ آمريڪا قومي سلامتي ڳڻتي جو حوالو ڏيندي چين جي موبائل ڪمپني هواوي تي پابندي لاڳو ڪئي هئي ۽ جاپان سميت پنهنجي اتحادي ملڪ هواوي جي پراڊيڪشن جي خريداري نه ڪرڻ تي زور ڏنو هو . ان قدم سان ڊي ڊي آئي ۽ جاپان ۾ ٽيلي ڪام جي ٻين ديوهيڪل ڪمپنين فون جي جاري ڪرڻ ۾ دير ڪئي هئي ڇو ته انهن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هواوي سمارٽ فون گهربل ڪم ڪري رهي آهي يا نه . ڊي ڊي آئي پي 30 نمونن جي فون بنيادي طورتي مئي جي آخر ۾ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو .ڪمپني جي اختيارين چيو آهي ته انهن تصديق ڪري ورتي آهي ته ان سمارٽ فون ۾ سيڪيورٽي اپ ڊيٽس انسٽال ڪرڻ جو ڪو مسئلو ناهي . اختيارين اهيو پڻ چيو آهي ته انهن گوگل ايپلي ڪيشنز پڻ ڪاميابي سان اپ ڊيٽ ڪن.