هنڊياري جي شر برداري ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل ايم بي بي ايس فائنل ييئر جو شاگرد فوت

ٺري ميرواهه :- هنڊياري ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل ايم بي بي ايس فائنل ييئر جي شاگرد اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، سندس وارثن مخالف ڌر جي 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، ڳوٺ خدا بخش شر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ معمولي ڳالهه تان شر برداري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان ايم بي بي ايس جي آخري سال جو شاگرد عبدالحميد شر زخمن جا سور نه سهندي لاڙڪاڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، پوليس موجب نوجوان جي وارثن قتل جو ڪيس پنجن ڄڻن استاد بخشل، اسلم، غلام شبير، غلام مصطفيٰ ۽ ڪاشف شر خلاف ميرواھه ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي، جڏهن ته ڪا به گرفتار عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.