هند ۽ سنڌ جو ناليوارو شاعر ارجن حاسد ديهانت ڪري ويو

ڪراچي:- هند ۽ سنڌ جو ناليوارو شاعر ارجن حاسد اڄ ڀارت ۾ ديهانت ڪري ويو. سنڌي ٻوليءَ جي غزل جي نامور شاعر ارجن حاسد جو اصل نالو ارجن ڄيٺانند تنواڻي هو، جيڪو 7 جنوري 1930ع تي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. ڪنڊياري شهر جي پنچائتي هاءِ اسڪول مان 1947ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ چوٿين جنوري 1948ع تي هند لڏي ويو. 8 ڊسمبر 1948ع کان پوسٽ کاتي احمد آباد ۾ ملازم ٿيو، جتان 31 جنوري 1988ع تي رٽائر ٿيو. 1956ع کان شاعري شروع ڪيائين. ”حاسد“ تخلص ڪتب آڻيندو هو، هن غزل تمام گهڻا لکيا ۽ ”غزل گو“ شاعر طور ڄاتو وڃي ٿو. سندس ڇهه شعري مجموعا شايع ٿيل آهن، 1985ع ۾ ڪتاب ”ميرو سج“ تي کيس ”مرڪزي ساهتيه اڪادمي اوارڊ“ مليو. ”حاسد“ جا سئو کان وڌيڪ گيت مختلف ڪلاڪارن ڳايا، جيڪي انڊيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيا، ان سان گڏوگڏ سندس شعري مجموعا انڊيا جي يونيورسٽين ۾ ٽيڪسٽ بوڪ طور منظور ڪيا ويا آهن ۽ ”حاسد“ جون رچنائون گجراتي، هندي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿينديون رهن ٿيون. هو ”نيشنل ساهتيه اڪادمي“ جي سنڌي ائڊوائيزري ڪميٽيءَ جو ڏهه سال ميمبر رهيو، جڏهن ته ”مرڪزي اڪادمي اوارڊس“ لاءِ جج طور پڻ فرض نڀائيندو رهيو.