هندو پنچائت جي درخواست تي جوهي جو تاريخي مندر خالي ڪرائڻ بعد سيل

جوهي :- سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي نوٽيفڪيشن تحت سرڪاري پراپرٽين تي غير قانوني قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ هندو پنچائت طرفان اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي کي ڏنل درخواست بعد اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي پيرل چانڊيو, اويڪيو ٽرسٽ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر نديم ڌاريجو, هندو پنچائت جي چيئرمين گُرمک داس نانڪاڻي پوليس نفري ساڻ ڪري جوهي شهر جي ڇني روڊ وٽ موجود هندن جي اوائلي مندر کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ان موقعي تي هندو پنچائت جي صدر   گرمک داس ميڊيا کي ٻُڌايو ته جوهي شهر جو مندر تاريخي آهي جيڪو سارسنڀال نه ٿيڻ ڪري مسمار ٿي رهيو هيو جنهن ڪري هن اويڪيو ٽرسٽ کي درخواست ڏئي مندر خالي ڪرايو آهي جنهن کي هندو مذهب سان تعلق رکندڙ عبادت طور استعمال ڪندا, اسسٽنٽ ڪمشنر پيرل خان چانڊيو چيو ته مندر کي سيل ڪرڻ بعد هتي رهائش اختيار ڪندڙ چانڊيه فيملي کي عارضي طور ٻئي هنڌ رهائش ڏني وئي آهي جن کي مستقل بنيادن تي رهائش ڏني ويندي, اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي جي  ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر نديم ڌاريجو موجب مندر کي خالي ڪرائي مندر سميت پنج دوڪان سيل ڪيا آهن جيڪي هندو مذهب سان تعلق رکندڙن حوالي ڪيا ويندا