هلندڙ مالي سال 20-2019ع جي اقتصادي سروي رپورٽ جاري

اسلام آباد :- حڪومت هلندڙ مالي سال دوران ڪنهن به شعبي ۾ حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ترقيءَ جي شرح طئه ڪيل 4 سيڪڙو بدران ڪاٽو ٻڙي ڏهائي 4 سيڪڙو رهي، ناڻي واري صلاحڪار  حفيظ شيخ جو چوڻ آهي ته ڪورونا وبا سبب جيِ ڊي پي کي 3 هزار ارب رپيا نقصان ٿيو، مهانگائي جي شرح به 8 ڏهائي 5 بدران 9 ڏهائي هڪ سيڪڙو رهي، ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ ڪا به واڌ ٽيڪس نه لڳائي ويندي. سندس چوڻ هو ته مالي سان 2020ع لاءِ زراعت ۾ 2 ڏهائي 67، صنعت ۾ ڪاٽو 2 ڏهائي 64 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي ۾ ڪاٽو ٻڙي ڏهائي 59 سيڪڙو رهي، ترقي جي بنياد تي ملڪي آمدنيءَ جي شرح ڪاٽو ٻڙي ڏهائي 38 سيڪڙو آهي. وزيراعظم عمران خان کي اقتصادي سروري رپورٽ پيش ڪرڻ بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو ته موجوده حڪومت کي بحران ورثي ۾ مليا، خرچ آمدنيءَ کان وڌيڪ هئا، ايڪسپورٽ جي شرح ٻڙي رهي. هن چيو ته گذريل حڪومت جي آخري ٻن ورهين ۾ پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا جي جا ذخيرا 17 کان ڪري 9 جي ويجهو پهچي ويا. هن چيو ته ڊالر سستو رکيو ويو، جنهن ڪري امپورٽ، ايڪسپورٽ کان ٻيڻي ٿي وئي ۽ انهن شين جو اثر اهو ٿيو ته وٽن ڊالر ختم ٿي ويا. ناڻي واري  صلاحڪار چيو ته قرض ۽ ادائگين کي گڏ ڪجي ته قرض 30 کرب رپيا ٿي ويا هئا، بنيادي طور تي هو حڪومت ۾ جيڪا ترقي جي شرح حاصل ڪري رهيا هئا، اها قرض وٺي ملڪ جي اندر خرچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته حڪومت ڪوشش ڪئي ۽ دير سان ادائگين تي تيل حاصل ڪيو ۽ آءِ ايم ايف کان 6 ارب رپيا قرض ورتو. حفيظ شيخ چيو ته ڪورونا وبا سبب عالمي معيشت تي تمام خراب اثر ٿيا، آءِ ايم ايف موجب وبا سبب سڄي دنيا جي آمدني ۾ 3 کان 4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته ڪورونا وائرس سبب مضبوط ٿيندڙ ملڪي معيشت کي وڏو نقصان ٿيو، وبا کان اڳ پاڪستان جي معيشت 3 سيڪڙو وڌڻ جي اميد هئي پر هلندڙ سال معاشي ترقي جي شرح ٻڙي ڏهائي 4 سيڪڙو رهي. هن چيو ته وڏي صنعتي شعبي ۾ ترقي جي شرح ڪاٽو 7 ڏهائي 78 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، پرچون جي ڪاروبار جي ترقيءَ جي شرح ۾ 3 ڏهائي 42 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. حفيظ شيخ چيو ته سروسز سيڪٽر جي ترقي جي شرح ٻڙي ڏهائي 59 سيڪڙو رهي.