هتي علاج ممڪن نه آهي، 6 سالن کان علاج ڪرايان پيو پر ڪو به فرق نٿو پوي: ديپڪ راج جي علاج بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي

ڪراچي := حيدرآباد پوليس پاران 6 سال اڳ مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل ديپڪ راج جي علاج بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ديپڪ ڪمار پنهنجي وڪيل سوڌو عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته سندس اڳوڻي گهرواري سنيتا راٺوڙ به ساڻس گڏ هئي ۽ صحت کاتي جا عملدار به عدالت ۾ پيش ٿي ڪري جواب جمع ڪرايو، سنڌ جي صحت کاتي عدالت ۾ جواب ڪرائيندي چيو ته ديپڪ جو علاج پاڪستان ۾ ممڪن آهن، اسان هن جو آغا خان اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، علاج ۾ جيترو به خرچ اچي سنڌ سرڪار برداشت ڪندي. جڏهن ته ديپڪ جي وڪيل ناصر بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ ديپڪ جي ڄنگهه ڪپڻ جو چيو پيو وڃي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ علاج سان ديپڪ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ٿو ته اسان به علاج لاءِ تيار آهيون، پر ماهرين جو چوڻ آهي ته هتي ديپڪ جو علاج صرف ڄنگهه ڪپڻ آهي، هن چيو آهي ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه امجد سراج ميمڻ کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ 11 مئي تي ميڊيڪل بورڊ ۽ آغا خان اسپتال جي ماهرين سان ديپڪ جي علاج بابت رپورٽ به طلب ڪئي آهي، ديپڪ راج چيو آهي ته هتي علاج ممڪن نه آهي، 6 سالن کان علاج ڪرايان پيو پر ڪو به فرق نٿو پوي، جڏهن ته سندس اڳوڻي گهرواري سنيتا راٺوڙ جو چوڻ آهي ته ديپڪ جو علاج هتي نٿو ٿي سگهي، ڊاڪٽرن وٽ رڳو ڪوڙيون ڊگريون آهن، کين علاج ڪرڻ نٿو اچي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو آهي ته ديپڪ کي ناهي ڇڏيو، هن هر تڪليف ۾ ساڻس گڏ آهيان، صرف مان ئي نه پر دوست ۽ سنڌ جا ماڻهو به هن سان گڏ آهن