هاسٽل ۾ پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڄامشورو ٿاڻي تي يونيورسٽي جي سيڪيورٽي انچارج 30 شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪرايو يونيورسٽي جي شاگردن هاسٽل ۾ پاڻي نه ملڻ خلاف 31 آڪٽوبر تي احتجاج ڪيو هو

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي انتظاميا تعليم ۽ شاگرد دشمني ۾ انتها ڪري ڇڏي: پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. سنڌ يونيورسٽي انتظاميا فيسز اوڳاڙڻ باوجود هاسٽل ۾ شاگرن کي پاڻي نه ڪيو، جنهن خلاف شاگردن 31 آڪٽوبر تي احتجاج ڪيو ته انتظاميا وري انتقامي ڪارروائين تي لهي آئي. ڄامشورو ٿاڻي تي يونيورسٽيءَ جي پوليس سيڪيورٽي انچارج پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندڙ 30 شاگردن مٿان بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.ڪيس ۾ پرڏيهي شاگردن کي به جوابدار طور نامزد ڪيو ويو، جِن جي مٿان سنگين الزام هنيو ويو آهي ته شاگرد احتجاج دوران ملڪ ۽ ملڪي ادارن خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي انتظاميا طرفان ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، جوابدار طور نامزد شاگردن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي.