هاري تحريڪ جو متحرڪ ڪردار ڪامريڊ احمد خان لغاري انقلاب جا خواب اکين ۾ سانڊي جسماني طور موڪلائي ويو

حيدرآباد:= چمبڙ هاري تحريڪ جو ڪردار. سنڌ هاري ڪاميٽي جو سرگرم اڳواڻ ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿي ڪامريڊ احمد خان لغاري هاري انقلاب جا خواب اکين ۾ سانڊي جسماني طور موڪلائي ويو. حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ علاج هيٺ رهندڙ هاري اڳواڻ احمد خان لغاري جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. کيس چمبڙ ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو. سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڏاٽي واري ڳاڙهي جهنڊي هيٺ پورهيت جدوجهد ڪندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ساٿي احمد خان لغاري جي وڇوڙي تي پورهيت اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي. سينيئر نائب صدر ڪامريڊ حڪم چند. جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي. سوشل سيڪريٽري جبار باغي. فنانس سيڪريٽري ايڊوڪيٽ عالم زيب ميمڻ. پريس سيڪريٽري اعجاز شر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪامريڊ احمد خان لغاري جو وڇڙو پورهيت جدوجهد جو وڏو نقصان آهي. ڪامريڊ جي وڇڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي. جيڪو ڀرجڻ انتهائي ڏکيو آهي. ڪامريڊ احمد لغاري چمبڙ هاري تحريڪ جو نمايان ڪردار هو. هو آخري وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي رستي تي هلندو رهيو. اڄ سندس وفات تي دلي صدمو رسيو آهي. ڪامريڊ احمد خان لغاري هاري انقلاب جي لاءِ جاکوڙ ڪئي. هو چمبڙ هاري تحريڪ پاران پهريون دفعو چمبڙ ۾ هاري ڪورٽون قائم ڪري جج پڻ رهيو. سنڌ هن جون پورهيت تحريڪ لاءِ وڏيون قربانيون آهن. سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيون ٿا.