هارون آباد پاڙي ۾ هڪ مدرسَي جي مولوي معمولي ڳالهه تان معصوم کٿابين کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو

چڪ : هارون آباد پاڙي ۾ هڪ مدرسَي جي مولوي معمولي ڳالهه تان معصوم کٿابين کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو. ٻارن کي دروازَي سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻائڻ واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. تشدد جو نشانو بڻيل شاگردن ۾ 10 ورهين جو عاقب ڀيو، حارث مهر ۽ 13 ورهين جو عبدالصمد مهر شامل آهن. متاثر ٻارن جَي وارثن ٻڌايو ته مولوي ابوبڪر مهر دير سان اچڻ ۽ سبق ياد نه ڪرڻ تان ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو. هنن ايس ايس پي شڪارپور کي مامري جو نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو