نيچ نوڪري جي نشي ۾ ورتل نوجوان : ليکڪ پروفيسر انعام ڀٽي

سنڌيءَ جي چوڻي آهي ته “نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌي واپار”، انهي چوڻيءَ جي پٺيان ڪهڙي حڪمت يا ڏاهپ هوندي! يقينن ڪو ته ڏاهو هوندو جنهن پنهنجي زندگي جي تجربي جي نچوڙ مان اهو نتيجو ڪڍيو هوندو؟ پر حيرت اها آهي ته اڄ اسان جو اڪثر نوجوان نوڪري جي آسري ۽ تلاش ۾ سموري زندگي وڃائي ويهي ٿو رهي. گهڻا ته وري انهي نيچ نوڪري جي لاءِ لکين رپيا رشوت به ڏين ٿا ته من کين ڪا نوڪري ملي وڃي! هر سال سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن مان هزارين شاگرد ڊگريون حاصل ڪري نوڪرين جي تلاش ۾ نڪرن ٿا ۽ اڄ تائين لکن جي تعداد ۾ بيروزگار ڦرندا ٿا وتن!
آئون سوچيندو آهيان ته جي سنڌي جي اها چوڻي به موجود آهي ته پوءِ سنڌ جا نوجوان آخر انهيءَ کي سمجهڻ کان قاصر آهن يا اها انهن ٻڌي ئي ڪونهي؟! انساني دماغ جي سائنس جو علم ٻڌائي ٿو ته اسان جي دماغ ۾ هڪڙي پروگرامنگ ٿيندي آهي جنهن کي نيورو لنگئسٽڪ پروگرامنگ سڏبو آهي. انهيءَ مطابق هر عمل ۽ ڳالهه جيڪا اسان ڪندا آهيون انهي جو هڪ ڪمپيوٽر جيئن پروگرام ٺهندو آهي ۽ اهو اسان جي دماغ ۾ اهڙو ته ويهي ويندو آهي جو اسين خودڪار انهيءَ تي عمل ڪرڻ شروع ڪندا آهيون. مثال طور اوهان جڏهن مڪمل ڊرائيونگ ڪرڻ سکي وٺندا آهيو، سالن تائين اها ڪندا رهندا آهيو ته اوهان کي بار بار اهو سوچڻ جي ضرورت ڪونه پوندي آهي ته بريڪ ڪيئن لڳندو يا گيئر ڪڏهن تبديل ڪرڻو پوندو! ڇاڪاڻ ته اهو اوهان جي دماغ جو هڪ پروگرام ٿي ويندو آهي جنهن جي آرڊر سان اوهان گاڏي هلائيندا رهندا آهيو. بلڪل اهڙي طرح جڏهن ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ سرجڻ شروع ٿي ويندو آهي ته والدين سوچڻ شروع ڪندا آهن ته سندن ٻار ٿيندو پوءِ اهو وڏو ٿي پڙهندو پوءِ ڪهڙي نوڪري ڪندو ۽ اهو عمل ٻار جي ڄمڻ بعد وري انهي جي اسڪول وڃڻ بعد شروع ٿي ويندو آهي هر ڪو کائنس پڇندو ابا پڙهي ڪهڙي نوڪري ڪندين؟! مطلب ته انهي ٻار جي دماغ جي پروگرامنگ ماءُ جي پيٽ کان شروع ٿي ويندي آهي ته هو نوڪري ڪندو. اها پروگرامنگ ايتري ته پختي ٿي ويندي آهي جو ڏھ درجا پڙهي اسڪول مان نڪرڻ بعد توڙي اعليٰ تعليمي اداري مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد به هرڪو اها خواهش ڪندو آهي ته کيس ڪا نوڪري ملي.
انهي سموري ذهني نشونما جي نتيجي ۾ اسان سنڌ جي تاريخي ورثي واپار جي ۽ ڪاروبار جي اهميت کي وڃائي ويٺا آهيون. منهنجو خيال آهي ته “فارسي گهوڙي چاڙهسي” واري دور ۽ انگريزن جي صاحبي واري دور ۾ سنڌين کان اسان جو ورثو اسان جي ذهني پروگرامنگ تبديل ڪري کسيو ويو آهي. بابو بڻجڻ جي چڪر ۾ اسان اهو وساري ويٺاسين ته نوڪر آخر نوڪر ئي ٿيندو آهي. سنڌ ورڪي جا مالڪ سنڌي ديوان توڙي ميمڻ سنڌ جي واپار جو ڄار جاوا کان روس تائين انهي زماني ۾ وڇائي چڪا هئا جڏهن دنيا ۾ بئنڪن جو وجود به ڪونه هو ۽ انهن جي هٿ جي لکيل پرچي تي دنيا جي ڪنهن به ملڪ مان انهي زماني ۾ پئسا يا وکر ملي ويندو هو، مطلب ته انهي نيٽ ورڪ ۽ پيداوار جي واپار جي سرشتي جي پٺيان ڪا ته تاريخ هوندي جنهن ۾ انهي سوچ ۽ سسٽم جنم ورتو هوندو. منهنجو ته خيال آهي ته لفظ انڊسٽري سنڌ جي اکر انڊس مان جڙيل آهي. جهڙي طرح انڊيگو، نير جي ٻوٽي کي چيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ جو اهو سنڌ ۾ پئدا ٿيندو آهي ۽ سنڌي قديم زماني کان نير جي وکر کي ڏيهان ڏيھ وڪرو ڪندا هئا ۽ نير جا رڱيل ڪپڙا پڻ وڪرو ڪندا هئا، جنهن ڪري انهي جو نالو انڊيگو پئجي ويو. ساڳي طرح سنڌ صدين کان منظم طريقي سان مال پئدا ڪري دنيا جي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندي هوندي جنهنڪري اها شيءِ جيڪا سنڌ جي ڪارخانن ۾ ٺهي تيار ٿي هوندي انهي ڪارخاني جي سسٽم کي نالو انڊسٽري ڏنو ويو هوندو. انهي خيال جي پسمنظر ۾ آئون سمجهان ٿو ته موهن جو دڙو سنڌ جي صنعتڪاري جو مرڪز رهيو هوندو ۽ انهي زماني ۾ لفظ انڊسٽري ٻاهرين دنيا ۾ جنم ورتو هوندو.
جو به ٿيو اهو ته گذر ٿي ويو پر اڄ منهنجي هن سموري لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جو سنڌي نوجوان جيڪو هينئر سنڌ جي آبادي جو 62 سيڪڙو گهٽ ۾ گهٽ هوندو، انهي کي پنهنجي تعليمي قابليت کي نوڪري جي حصول لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي يا پنهنجي صلاحيتن جي ٻل تي زندگي ۾ اهو ڪجھ ڪرڻ لاءِ جنهن سان رڳو هن جو نه بلڪه سندس ايندڙ نسلن جو مستقبل تبديل ٿي وڃي!؟ هڪ قصو مشهور آهي ته “هڪ شخص ڪنهن آفيس ۾ نوڪري ڪندو هو. روزانو منجهند جي وقت آفيس ٻاهران هڪ سمبوسي واري کان سمبوسو وٺي کائيندو هو. نوڪري شروع ڪرڻ کان وٺي سندس رٽائر ٿيڻ تائين اهو سلسلو هلندو رهيو. آخري ڏينهن انهي سمبوسي واري کان سمبوسو خريد ڪرڻ وقت انهي جي پٽ ڏانهن نظر وجهندي چيائين ته ڪاڪا هن ننڍڙي کي پڙهائي ڪا سٺي نوڪري وٺي ڏجانءِ! ڪاڪي وراڻيس ته تو جڏهن هن آفيس ۾ نوڪري شروع ڪئي هئي ته مان هڪ ٿالھ ۾ اهي سموسا وڪرو ڪندو هئس، اڄ هي منهنجو دڪان آهي جنهن جو وارث هي منهنجو پٽ آهي، تون اڄ رٽائر ٿيو آهين تنهنجو پٽ پڙهي ڪنهن آفيس جي نوڪري سان وري زيرو کان شروع ڪندو، جڏهن ته مان پنهنجي پٽ کي تعليم سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار جي مالڪي ورثي ۾ ڏئي ٿو وڃان، هو انهي کي اڳتي وڌائيندو ۽ ڪو وڏو بزنس مين ٿيندو!”
اهو ڪو من گهڙت قصو ڪونهي، اهڙا ڪيترائي مثال اکين آڏو آهن. پر اسان جو مسئلو اهو آهي ته اسين اڪثريت طور انهي نيچ نوڪري جي ڪڍ انهي ڪري آهيون جو سرڪاري نوڪري کي اهڙو آسان وسيلو سمجهون ٿا جنهن ۾ ڪجھ نه ڪرڻ جو پگهار ملندو آهي ۽ جي ڪجھ ڪرڻو پيو ته انهي لاءِ وڌيڪ رشوت جي وصولي يقيني هوندي آهي. اسان جي اڄ جي نوجوان کي هاڻي تبديل ٿيڻو پوندو. هڪ ته پنهنجي اندر اها قابليت پئدا ڪرڻي پوندي جنهن سان مارڪيٽ ۾ قدر ٿئي ۽ ٻيو سرڪاري نوڪرين مان نڪري پنهنجي ڪاروبار يا نجي ڪمپنين جي اندر پنهنجو پاڻ کي مڃائي وٺي. ايئن به ڪونهي ته ڪو اسان جي ٻار ۾ اهي صلاحيتون ڪونهن جيڪي دنيا جي ڪنهن ٻئي ٻار ۾ آهن. منهنجو ته يقين آهي ته اسان جو ٻار وڌيڪ محنتي ۽ ذهين هئڻ سان گڏوگڏ ڏکين حالتن ۾ نتيجا ڏيڻ جي قابل آهي.
ممڪن آهي ته ڪيترا نوجوان يا سندن والدين منهنجي سوچ سان اختلاف ڪندا هجن، اهو سندن حق آهي پر ڇا ڪڏهن انهن اڄ تائين اهو سوچيو آهي ته پنهنجو ڪاروبار هر طرح کان بهتر آهي؟ يقينن گهڻن کي اهو لڳندو هوندو ته پوءِ اسان جي پڙهڻ جو يا پنهنجي ٻار کي پڙهائڻ جو فائدو ڪهڙو جي هن کي اعليٰ تعليم جي سند حاصل ڪرڻ بعد به ڪا نوڪري ڪونه ملي سگهي؟! اها ئي نيورو لنگئسٽڪ پروگرامنگ آهي جنهن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان صدين جي انهي سوچ ۾ ڦاسي پيا آهيون ته تعليم جو مقصد نوڪري حاصل ڪرڻ هوندو آهي. اهو پڻ هڪ الڳ بحث آهي ته اسان جي تعليم جو نظام ڪارگر آهي يا نه! انهي تي وري ڪڏهن ٻئي ڀيري بحث ڪنداسين. پر اسان کي اهو ضرور سمجهڻ گهرجي ته تعليم جو مقصد نوڪري حاصل ڪرڻ نه پر اها صلاحيت حاصل ڪرڻ آهي جنهن سان تعليم جي ڪري اهو فرد ڪارگر ٿي پوندو آهي. مظلب ته تعليم توهان جي اندر ڪهڙي صلاحيت پئدا ڪئي آهي جنهن جي آڌار اوهان ڪو مسئلو حل ڪري سگهو، ڪا پئداوار ڏئي سگهو يا ڪو تخليقي ڪم ڪري سگهو.
اڄ جي دور ۾ جتي صلاحيتن جي وڌائڻ لاءِ انٽرنيٽ تي ڪيترائي وسيلا موجود آهن انهن جو استعمال ڪري اسين دنيا جي هر انهي صلاحيت کي پاڻ ۾ پئدا ڪري سگهون ٿا جنهن جو علم اڃان اسان جي تعليمي نصاب يا ادارن ۾ متعارف ئي ڪونه ڪرايو ويو آهي. اوهان جي هٿ ۾ جيڪا موبائيل فون آهي اها ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪري سگهي ٿي، انهي جي تعليم حاصل ڪرڻ سان ئي خبر ناهي ڪيترا وسيلا پئدا ٿي ويندا. اوهان مان اڪثر ٽڪ ٽاڪ ڏسندا هوندا ڪي ضرور ٺاهيندا به هوندا پر انهن ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اهو پليٽ فارم جنهن جوڙيو آهي اهو انهي مان ڪيترو ڪمائيندو هوندو!؟ صرف اهو نه ڪيترائي اهڙا مثال آهن جن سان اهو يقين ڏياري سگهجي ٿو ته هر فرد اهو ڪم ڪري سگهي ٿو جيڪو ٻئي ڪنهن فرد ڪيو آهي. تنهن ڪري سبب ڳولهي ڪجهه نه ڪرڻ جا گس وٺڻ کان بهتر آهي ته هر حال ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جا رستا ٺاهجن. سنڌ جي نوجوانن کي نوڪرين جي تلاش ۾ وقت زيان ڪرڻ بدران ڪاروبار جا وسيلا ڳولهڻ گهرجن ۽ انهي سان ٻين هزارين گهٽ تعليم وارن لاءِ نوڪرين جا دروازا کولڻ گهرجن.