نيو ڪراچي ۾ ڪيري گاڏي کي باهه ٽن معصوم ٻارن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي اجل جو شڪار

ڪراچي:- نيو ڪراچي ۾ ڪيري گاڏي کي باهه لڳي وئي، ٽن معصوم ٻارن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا. دو منٽ چورنگي ويجهو رڪشا سان ٽڪر بعد ڪيري گاڏي کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 6 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا ۽ 5 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو پئي ويو ته 6 ڄڻن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. خوفناڪ واقعي جي فوتين مان 5 ڄڻن جي سڃاڻپ ديدار، سندس گهرواري نيلوفر، پٽ ارمان ۽ ڌيءُ لائبا ۽ هڪ ڀاءُ طور ٿي آهي، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، ريسڪيو عملدارن موجب فوتي هڪ ئي خاندان جا ڀاتي آهن، جيڪي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ضياءُ ڪالوني پئي ويا ته دو منٽ چورنگي ويجهو حادثي جو شڪار ٿي ويا. ايس ايس پي سينٽرل عارف اسلم رائو جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 5 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، شروعاتي ڄاڻ ملي آهي ته حادثي جو شڪار خاندان سرجاني ٽائون جي تيسر ٽائون جو رهواسي آهي، 2 سڳا ڀائر گهرڀاتين سان گڏ شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ضيا ڪالوني وڃي رهيا هئا.