نينگري رُخسانه سيال ۽ ڀاءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار عثمان بنگالي جو راهداري رمانڊ منظور

حيدرآباد :- حيدرآباد ۾ معصوم رُخسانه کي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪندڙ جوابدار عثمان بنگالي جو هڪ ڏينهن جو راهداري رمانڊ ورتو ويو آهي. سخي پير ٿاڻي جي پوليس نينگري رُخسانه سيال کي وحشت جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪندڙ جوابدار عثمان بنگالي کي سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت ۾ پيش ڪيو. اسپيشل ڊيوٽي تي موجود جج آڏو جوابدار جي راهداري رمانڊ لاءِ درخواست ڪئي وئي. عدالت جوابدار عثمان بنگالي کي هڪ ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته آچر تي هفتيوار موڪل هجڻ ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت بند آهي، جنهن ڪري پوليس خصوصي طور ڊيوٽي تي موجود جج کان راهداري رمانڊ ورتو. جوابدار عثمان بنگالي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. جوابدار عثمان بنگالي ۽ سندس ساٿين ڀيڻ جي لڄ بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ معصوم ڀاءُ کي به ڇريون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.