نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي اجلاس ۾ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ٽرين ۽ بس سروس بحال ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد :- نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي اجلاس ۾ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ٽرين ۽ بس سروس بحال ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، وزيراعظم عمران خان قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو. 10 مئي کانپوءِ ڪاروبار کولڻ جو به امڪان وڌي ويو آهي. وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چارئي وڏا وزير اجلاس ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جي تجويز ڏني، مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام کي سهولتون ڏيڻ سان گڏ وبا کان به بچائڻو آهي اجلاس ۾ ڪاورباري مرڪزن جي حوالي سان لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ٽرين ۽ بس سروس بحال ڪرڻ جي مخالف ڪري ڇڏي ملڪ ۾ اڏامون ۽ ٽرينون هلائڻ ۽ ڪاروبار 10 مئي کان کولڻ بابت فيصلي جو امڪان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 10 ٽرينون هلائڻ جي تجويزب اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ڪاورباري مرڪزن جي حوالي سان لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اين سي او سي طرفان 10 ٽرين آپريشن شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته ريلوي وزير 15 ٽرينون هلائڻ جي سفارش ڪئي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم قومي رابطا ڪميٽِي جو اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو، لاڪ ڊائون ۾ نرمي بابت اين ايو سي سان فيصلن ۽ ايس او پيز جي منظوري ڏني ويندي.