نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم جي سربراهي وزيراعظم کان گهرو وزير کي منتقل

اسلام آباد :- صدارتي آرڊيننس ذريعي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جي سربراهي وزيراعظم کان وٺي گهرو وزير کي ڏني وئي آهي.صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيڪٽا ايڪٽ ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن موجب نيڪٽا جو انتظامي سربراهه هاڻ وزيراعظم نه پر گهرو وزير هوندو.ترميمي آرڊيننس ۾ وزيراعظم جو نيڪٽا جي سربراهي بابت سيڪشن 3 ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيڪٽا ايگزيڪيوٽو بورڊ ۽ نيڪٽا ايگزيڪيوٽو ڪميٽي به نئين سر جوڙي وئي آهي ۽ نيڪٽا ايگزيڪيوٽو بورڊ مان وزيراعظم ۽ صوبن جي وڏن وزيرن جا نالا هٽايا ويا آهن، وزيراعظم بدران گهرو وزير نيڪٽا بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين هوندو.بورڊ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ملٽري انٽيليجنس (ايم آءِ)، ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) ۽ ڊائريڪٽر جنرل فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) ساڳيا بورڊ آف گورنرز جا ميمبر هوندا.ترميمي آرڊيننس کانپوءِ سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر طرفان نامزد هڪ هڪ رڪن به شامل هوندو.