نيب لاهور آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

لاهور :- نيب لاهور آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو، شهباز شريف کي سڀاڻي لاهور آفيس ۾ گهربل دستاويزن سان گڏ سڀاڻي 12 وڳي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي. نيب لاهور اپوزيشن ليڊر ۽ نواز ليگ صدر شهباز شريف کي سڀاڻي نيب لاهور آفيس طلب ڪيو آهي. نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ شهباز شريف کي سڀاڻي 12 وڳي گهربل دستاويزن سان گڏ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. شهباز شريف کي اڳ به نيب 2 ڀيرا طلب ڪيو هو پر هن ڪورونا جي خدشي جي ڪري پيشي کان معذرت ڪري ڇڏي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته احتساب بيورو شهباز شريف جي موڪليل جواب مان مطئمن نه آهي، جنهن سبب هنن شهباز شريف کي قانون موجب ذاتي حيثيت سان پيش ٿي گهربل ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف جاچ ۾ قومي اداري سان سهڪار ڪري ۽ ذاتي حيثيت سان پيش ٿئي. نيب شهباز شريف کي وراثت ۾ مليل ملڪيت جا تفصيل به طلب ڪيا آهن، شهباز شريفر کان سوال ڪيو ويو آهي ته 1998 ع کان 2018 دوران فيملي اثاثا وڌي 549 ارب ٿيا، وڌي ويل اثاثن جي وضاحت ڪئي وڃي.