نيب عدالت پارڪ لين ريفرنس ڪيس ۾ آصف زرداري کي پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري

اسلام آباد :- نيب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پارڪ لين ريفرنس ڪيس ۾ 19 آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جا سمن جاري ڪري ڇڏيا. احتساب عدالت جي جج محمد بشير آصف علي زرداري سميت 17 جوابدارن کي پارڪ لين ريفرنس ڪيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن، سمن ۾ سمورن ملزمن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 19 آگسٽ تي هر صورت ۾ عدالت آڏو پيش ٿين.