نيب راولپنڊي آصف زرداري خلاف ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ پهچي وئي

اسلام آباد :- نيب راولپنڊي جي ٽيم خصوصي ٽيم آصف زرداري خلاف ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ پهچي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب راولپنڊي جي 8 رُڪني ٽيم مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ پهچي وئي آهي. ذريعن موجب نيب جي ٽيم پارڪ لين، جي وي اوپل 225 ۽ سولر پراجيڪٽس جي مبينا غيرقانوني ٺيڪن واري ڪيس ۾ شاهديون گڏ ڪندي. ذريعن موجب نيب جي ٽيم هڪ هفتي تائين سنڌ ۾ موجود رهندي، جنهن دوران حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سوڌو ٻين شهرن جا دورا ڪري اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ڪيسز ۾ شاهديون گڏ ڪيون وينديون.