نيب جيڪب آباد ۾ ڇاپو هڻي روينيو آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو,ايجوڪيشن ورڪس ۾ ڪروڙين روپين جي گهوٻين جو الزام

جيڪب آباد :- نيب جيڪب آباد ۾ ڇاپو هڻي روينيو آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو. نيب سکر جي ٽيم پوليس سان گڏجي ڇاپو هڻي روينيو آفيسر روينيو آفيسر آزاد خان بهراڻي کي گرفتار ڪيو. جيڪو بااثر ٺيڪيدار عبدالرزاق بهراڻي جو ڀاءُ آهي. گرفتار جوابدار جي سٽي ٿاڻي تي انٽري ڪرائڻ بعد نيب اختاريون کيس سکر کڻي ويون. سٽي پوليس ٻڌايو ته اسان کي نيب ڪجهه ناهي ٻڌايو. ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار جوابدار آزاد بهراڻي روينيو آفيسر جي نوڪري ملڻ کان اڳ ايجوڪيشن ورڪس ۾ ٺيڪيداري ڪندو هو، جنهن خلاف ايجوڪيشن ورڪس ۾ ڪروڙين روپين جي گهوٻين جو الزام آهي، جنهن الزام هيٺ هن کي سکر نيب گرفتار ڪيو آهي، سندس گرفتاري بعد ٺيڪيدارن ۽ ڪامورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو.