نيب جو تماشو هاڻ پاڻمرادو ختم ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد :-  مسلم ليگ(ن) جي ترجمان چيو آهي ته ليگي اڳواڻن جي خلاف نيب جاچ ۾ ڪجهه به ناهي نڪري رهيو جنهن سبب هاڻ آهستي آهستي نيب جو تماشو ختم ٿي رهيو آهي.

تفصيل موجب شاهد خاقان عباسي جي پيشي جي موقعي تي احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته نيب شاهد خاقان عباسي خلاف ڪجهه به ثابت نه ڪري سگهيو.

مفتاح اسماعيل ۽ عمران الحق تي سلطاني گواهه بنجڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو  ويو. نيب ڪجهه ثابت نه ڪري سگهيو ان ڪري جوابدارن کي جوڊيشل ڪيو ويندو آهي. مريم اورنگزيب هڪ دفعو ٻيهر الزام لڳائيندي چيو ته بني گالا مان نيب کي حڪم ايندو آهي ته گرفتاري ٿي ويندي آهي.

هن چيو ته ياد رکو ته تبديلي حڪومت ڪوڙ ڳالهائي ڪجهه ثابت نه ڪري سگهي ڇو ته نيب جو ڪال اپ نوٽيس هڻ مذاق بنجي ويو آهي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته بدعنواني شهباز شريف ناهي ڪئي پر پشاور ميٽرو بس ۾ ٿي آهي جڏهن ڪرپشن ناهي ملندي ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو الزام لڳايو ويندو آهي. ان سان گڏ ئي ليگي ترجمان نيب چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بي آر ٽي جي جاچ شروع ڪرائي وڃي.