نيب اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي گرفتار ڪري ورتو

لاهور :- نيب اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته شاهد خاقان عباسي کي ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال به چيو آهي ته نيب شاهد خاقان کي حراست ۾ وٺي ڇڌيو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي ٽيم ٺوڪر نياز بيگ ڀرسان ٽول پلازه وٽ شاهد خاقان عباسي جي گاڏي کي روڪيو، جنهن بعد نيگ عملدار کيس گرفتار ڪري وٺي ويا.