نيب اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي حوالي سان هلندڙ خبرن تي ٻڌل پريس رليز جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد :- نيب اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي حوالي سان هلندڙ خبرن تي ٻڌل پريس رليز جي ترديد ڪري ڇڏي.ميڊيا تي خبرون هلي رهيون هيون ته نيب موجب شهبازشريف آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پڇاڳاڇا دوران نيب کي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي، جنهن سبب شهبازشريف کي ٻيهر 2 جون تي طلب ڪيو ويو آهي.نيب اهڙين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ نيب ترجمان چيو آهي ته شهبازشريف بابت نيب طرفان اڄ ڪا به پريس رليز جاري ناهي ڪئي وئي، ان حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ خبرون بي بنياد آهن. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته نيب جي حوالي سان خبرون هلائڻ کان اڳ تصديق ڪرائي وڃي، ڪوڙيون خبرون هلائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.واضح رهي ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف صبح ڌاري نيب لاهور پهچي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو هو..