نيب اسلام آباد ايل اين جي ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد :- نيب اسلام آباد ايل اين جي ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾2 رُڪني بئنچ ايل اين جي ڪيس ۾ مفتاح اسلام جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران مفتاح اسماعيل ۽ نيب جي ٽيم پيش ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله مفتاح اسماعيل جي وڪيل کي چيو ته نيب قانون ۾ ضمانت تي سُپريم ڪورٽ جو حڪمنامو موجود آهي، توهان کي مطمئن ڪرڻو پوندو ته هي انتهائي نوعيت جون حالتون آهن، نواز شريف ڪيس ۾ سُپريم ڪورٽ نيب ڪيسز ۾ ضمانت جو معيار طئه ڪيو آهي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ايل اين جي معاهدي تحت وڌيڪ اگهه طئه ڪري ڏيڍ ارب رُپين جو نقصان پهچايو ويو، ايل اين جي لاءِ قومي ناڻي مان روزانو 2 لک 72 هزار ڊالر ڪڍيا ويندا هئا، جڏهن ته اڳتي وري ادائگي هڪ لک 18 هزار في ڏينهن جي حساب سان ٿيندي آهي. نيب پراسيڪيوٽر سردار ظفر عدالت کي آگاهه ڪيو ته اينگرو ڪمپني نواز شريف لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو، قومي ناڻي کي هڪ ارب 54 ڪروڙ رُپين جو نقصان پهچايو ويو آهي. ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي ايل اين جي ڪيس ۾ ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي. مفتاح اسماعيل جيئن ئي عدالتي ڪمري مان ٻاهر نڪتو ته نيب جي ٽيم کيس گرفتار ڪري ورتو.