نيازي حڪومت آزادي مارچ مان خوف زده آهي: مولانا فضل الرحمان

سکر:  جي يو آء جي سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو آھي ته آزادي مارچ 27 آڪٽوبر تي ڪراچي کان شروع ڪيو ويندو، نيازي حڪومت آزادي مارچ مان خوف زده آهي تنهن ڪري رستا روڪ ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن پر  رستي ۾ ايندڙ ڪنٽينرن کي ماچيسن وانگر کڻي اڇلايو ويندو،

نااهل حڪومت انتقام جي سياست ڪري رهي آهي، ميان محمد نواز شريف قيد ۾ سهولتون نه ملڻ ڪري بيمار ٿي پيو آهي ۽ آصف علي زرداري جي طبيعت خراب آهي سندن لاءِ دعا آھي ته  جلد صحتياب ٿين،   منزل گاهه  ۾ مرڪزي مجلس شوريٰ جي اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي  مولانا فضل الرحمان  چيو ته عمران خان چوي ٿو ته آئون ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، سندس ڪارواين کانپوءِ ڪرپشن ۾ 230 سيڪڙو واڌ آئي آهي.

هن چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تي ڪراچي وڏو جلسو ڪري ڪشميري عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويندو، جنهن بعد قافلو آزادي مارچ ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد روانو ٿيندو.  31 آڪٽوبر تي هر صورت ۾ اسلام آباد پهچبو. عمران حڪومت ڌانڌلي جي حڪومت آهي، کيس تسليم نه ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاريوجنهن تي واويلا نه ڪرڻ جو چئي ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن جو سربراهه پرويز خٽڪ هو جنهن هن وقت تائين ڌانڌلي بابت هڪ به اجلاس ناهي ڪوٺايو.

هن چيو آهي ته هاڻي به آزادي مارچ کي روڪڻ لاءِ ان کي ئي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. هن چيو  ته عمران خان ڪشمير جو سودو ڪري عوام کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجھي ڇڏيو آهي. ڪشمير ۾ روزانو جي بنياد تي انسانن جي تذليل ٿي رهي آهي.

عمران خان جي غلط پاليسين جي ڪري معيشت ڪمزور ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن ڪري ملڪ جو هر طبقي جو ماڻهون اسان سان احتجاج لاءِ گڏ نڪرندو. هن چيو  ته آزادي مارچ عمران خان جي حڪومت جي خاتمي تائين جاري رهندو.

مذاڪراتي ڪميٽي جيڪڏهن رابطو به ڪيو ته انهن جو موقف رهبر ڪميٽي آڏو رکيو ويندو ۽ سموري اتحادي جماعتن جي مشاورت سان ڪو فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو آهي ته سنڌ باب الاسلام آهي ان ڪري آزادي مارچ جي شروعات سنڌ مان ڪبي.

هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ملڪ ترقي ڪرڻ بجاءِ معاشي بدحالي جو شڪار ٿيو آهي. آزادي مارچ جي سمورين جماعتن حمايت ڪئي آهي جيڪو جيترو ساٿ ڏيندو ان کي ڀليڪار چونداسين.

هن چيو  ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه  ساڻس ڪو به رابطو ناهي ڪيو، جيڪڏهن رابطو ڪيو ويو ته اهو معاملو رهبر ڪميٽي جي حوالي ڪبو.