نوڪريون ڏيڻ جا اعلان ڪندڙ روزگار نٿا ڏئي سگھن ته ناڪامي جو اعتراف ڪري گھر وڃن:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد:-  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو آھي ته آئي بي اي پاس ھيڊماسترن کي پڪو ڪيو وڃي، نوڪريون وڪڻڻ لاءِ  استادن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي،اياز لطيف پليجي چيو ته روزگار ڏيڻ ۽ روزگار جا وسيلا پيدا ڪرڻ حڪمرانن جو ڪم آھي، ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جا اعلان ڪندڙ روزگار نٿا ڏئي سگھن ته پنھنجي ناڪامي جو اعتراف ڪري گھر ھليا وڃن، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ علاج جون سھولتون نه ھجڻ ڪري ڪينسر ۾ مبتلا ھڪ غريب نوجوان نثار ٻلھڙيجو جي ماءُ  سڄي سنڌ ۾ پٽ جي علاج لاءِ  چندو گڏ ڪري رھي آھي، جيڪڏھن ڪنھن وزير جو اولاد ھجي ھا ته سرڪاري خرچ تي علاج ٿئي ھا، اياز لطيف پليجي چيو ته سڄي سنڌ کي ايڊز، ھيپاٽائيٽس، ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي ور چاڙھيو ويو آھي، پر ڪٿي به ڪا ھڪ عالمي معيار جي اسپتال قائم نٿي ڪئي وڃي جتي ڪو غريب مسڪين جو ٻار علاج ڪرائي سگھي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪينسر ۾ مبتلا نوجوان نثار ٻلھڙو جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي زندگي بچائي وڃي.