نوڪرين لاءِ حڪومت ڏانهن نه ٿو ڏسي سگهجي ، حڪومت ته 400 کاتا ختم ڪري رهي آهي، نوڪريون حڪومت نه، نجي شعبو ڏيندو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد : اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪندڙ پي ٽي آءِ سرڪار سان واڳيل وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نوڪرين لاءِ حڪومت ڏانهن نه ٿو ڏسي سگهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران هن چيو ته ان ڳالهه تي زور آهي ته حڪومت نوڪريون ڏئي، پر ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو وجهڻ ضروري آهي ته نوڪرين لاءِ حڪومت ڏانهن نه ٿو ڏسي سگهجي. فواد چوڌري چيو ته ماڻهو نوڪرين ڏانهن حڪومت ڏانهن ڏسڻ شروع ڪندا ته معيشت جو فريم ورڪ ويهجي ويندو، هن چيو ته نوڪرين لاءِ حڪومت ڏانهن وانجهائڻ 70 واري ڏهاڪي جي سوچ هئي، هاڻي نجي شعبو نوڪريون ڏينديون آهي. فواد چوڌري حڪومت ته 400 کاتا ختم ڪري رهي آهي، نوڪريون حڪومت نه، نجي شعبو ڏيندو آهي. اهڙي بيان تي سوشل ميڊيا سميت هر هنڌ سخت تنقيد کانپوءِ فواد چوڌري هڪ ٽوئيٽ ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته حيران آهيان ته هر بيان کي ڪيئن حقيقت جي ابتڙ سرخي بڻايو ويندو آهي، هن چيو ته تقريب ۾ هن اهو چيو ته نوڪريون حڪومت نه نجي شعبو ڏيندو آهي، حڪومت کي ان لاءِ ماحول پيدا ڪرڻو آهي، جتي نوڪريون هجن، ائين نه هجي ته هر شخص سرڪاري نوڪري جي ڳولا ڪندو رهي. ياد رهي ته عمران خان چونڊ جلسن کي خطاب دوران اعلان ڪيو هو ته اقتدار ملڻ بعد هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ٺاهي ڏينداسين. اهو تحريڪ انصاف جي منشور ۾ به شامل هو.